Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 48:2 - Sindhi Bible

2 موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 موآب ملڪ جو شان وَ شوڪت ختم ٿي ويندو، سندس شهر حشبون تي قبضو ڪري دشمن موآبين خلاف هيءَ سازش سِٽيندا تہ ’اچو تہ انهيءَ قوم جو خاتمو آڻي ڇڏيون.‘ اي مدمين شهر وارؤ! اوهان جو بہ خاتمو آندو ويندو، هائو، اوهين جنگ جي حوالي ڪيا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 48:2
20 Iomraidhean Croise  

موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو.


منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا.


پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.


ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.


ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، مون کي هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي هٿان هن ڪاوڙ جي شراب جو پيالو وٺي انهن سڀني قومن کي وڃي پيار جن ڏي آءٌ توکي موڪليان ٿو.


تڏهن مون خداوند جي هٿان پيالو ورتو، ۽ جن قومن ڏي خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهي مان پياريو:


تہ جيڪڏهن اهي قانون منهنجي اڳيان ٽري ويندا، تہ پوءِ خداوند فرمائي ٿو تہ اسرائيل جو نسل بہ منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ اُمت ٿيڻ کان ٽري ويندو.


جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون نہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: ڇالاءِ جو جن قومن ڏي مون توکي هڪالي ڪڍيو آهي تن سڀني جي آءٌ اصل پڄاڻي ڪندس؛ پر آءٌ تنهنجي پڄاڻي نہ ڪندس؛ مگر آءٌ توکي عدالت سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.


اوهين سڀ، جي اُن جي آس پاس آهيو سي اُن تي افسوس ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي ان جي نالي جا واقف آهيو سي چئو تہ اها مضبوط لٺ، اهو سهڻو ڏنڊو ڪيئن نہ ڀڄي پيو آهي.


۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي.


جيڪي ڀڳا سي حسبون جي پاڇي هيٺ ڪمزور ٿي بيهن ٿا: ڇالاءِ جو حسبون مان باهہ نڪتي آهي، ۽ سيحون مان شعلو، ۽ انهيءَ موآب جي ڪنڊن، ۽ فساد ڪندڙن جو ڪاپار ڳهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.


اي حسبون واويلا مچاءِ، ڇالاءِ جو عئي لٽجي ويو آهي؛ اي ربہ جون ڌيئرون دانهون ڪريو؛ کٿا چيلهہ سان ٻڌو. روئو پٽيو، ۽ لوڙهن اندر هيڏي هوڏي ڊوڙو؛ ڇالاءِ جو ملڪوم، پنهنجن ڪاهنن ۽ اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو.


۽ آءٌ عيلام کي سندن دشمنن جي اڳيان، ۽ سندن ساهہ جي ڳوليندڙن جي اڳيان، حيران پريشان ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ آءٌ انهن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان:


۽ بني روبن بہ، حسبون، اليعالي، قريتائم؛


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan