Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 47:3 - Sindhi Bible

3 هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 هائو، دشمن جي جنگي گھوڙن جي سنبن جي آواز تي، جنگي گھوڙي گاڏين جي ڪڙڪي تي، ۽ انهن جي ڦيٿن جي کڙڪي تي، خوف وچان پيئرن جا هٿ لولا لنگڙا ٿي پوندا، ايتري قدر جو هو ڀڄندي ڀڄندي پنهنجن ٻارن جي مدد لاءِ بہ نہ موٽندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 47:3
14 Iomraidhean Croise  

انهن جا تير تکا آهن ۽ انهن جون سڀ ڪمانون چڙهيل آهن: انهن جي گهوڙي جا سنب چقمق وانگر، ۽ انهن جي گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي جهڙا ٿيندا:


اي گهوڙا اوهين ڪاهي وڃو؛ ۽ اي گاڏيون، اوهين ڪڙڪو ڪريو؛ ڀلي تہ بهادر مرد وڌي اڳتي وڃن: ڪوش ۽ فوت، جي سپر کڻن ٿا؛ ۽ لودي جي ڪمان کڻن ٿا.


اُهي ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ اُهي ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم ڪونہ اٿن: انهن جو آواز سمنڊ وانگي گوڙ ٿو ڪري، ۽ اُهي گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي بابل جي ڌيءَ، سڀڪو توتي جنگي بهادر وانگي سنبريو اچي.


هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن.


۽ هو هٿيارن، گاڏين، ۽ گاڏن، ۽ ماڻهن جي هڪڙي ميڙ سان توتي چڙهي ايندا؛ هو ڍال، ۽ سپر، ۽ جنگي توپ سان چوڌاري توتي سنبري ايندا: ۽ آءٌ عدالت جو ڪم هنن جي ذمي ڪندس، ۽ هو پنهنجن فيصلن موجب توتي فتويٰ جاري ڪندا.


گاڏيون گهٽين ۾ ڇوهہ مان ڊوڙن ٿيون، ۽ ڪشادن رستن تي هڪ ٻئي تي اچي ٿيون ٺهڪن: هو ٻرندڙ مشعل وانگر ۽ وڄ وانگر آهن.


پر نينوہ قديم وقت کان پاڻيءَ جي حوض وانگي آهي، تہ بہ هو ڀڄي پيا وڃن. هو پڪارين ٿا تہ بيهي رهو، بيهي رهو، پر ڪوبہ منهن ورائي نٿو نهاري.


۽ انهن جي ڇاتيءَ جون زرهون لوهہ جي زرهن جهڙيون هيون؛ ۽ انهن جي پيرن جو آواز اهڙو هو جهڙو جنگي رٿن جو آواز، جيئن گهڻا گهوڙا جنگ ۾ ڪاهي ايندا آهن.


تڏهن گهوڙن جا سنب ٽپڻ جي ڪري دٻڪو ڪرڻ لڳا، يعني هنن جي بهادرن جي ٽپڻ جي ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan