Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:3 - Sindhi Bible

3 تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 اهو اتان جي رهاڪن جي ڪيل بڇڙائيءَ سببان ٿيو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري ۽ انهن لاءِ قربانيون پيش ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري. انهن معبودن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، نہ اوهان ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:3
30 Iomraidhean Croise  

انهيءَ هوندي بہ جيڪي اسان تي آيو آهي، تنهن جي ڪري تون انصاف وارو آهين؛ ڇالاءِ جو تون سچائيءَ سان هليو آهين، پر اسان بڇڙا ڪم ڪيا آهن:


ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ٻڌائيندين، ۽ هو توکي چوندا تہ ڇالاءِ خداوند هيڏي ساري خرابي اسان تي نازل ڪئي آهي؟ يا اسان جو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ يا اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي؟


تڏهن هو ورندي ڏيندا تہ ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد اقرار ڇڏي ڏنو ۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن منهنجون اهي ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، جي مون صبح جو سوير اُٿي پنهنجن ٻانهن نبين جي وسيلي موڪليون: پر خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان ٻڌڻ جي نہ ڪئي.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب هئا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي رڳو ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


ڇالاءِ جو اوهان لوبان ساڙيو آهي، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ خداوند جو حڪم نہ مڃيو اٿوَ، ۽ نہ ان جي شريعت تي، ۽ نہ اُن جي قانونن تي، ۽ نہ اُن جي شاهدين تي هليا آهيو؛ تنهن ڪري هيءَ خرابي اوهان کي پهتي آهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


جو اوهين جنهن مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيا آهيو، تنهن ۾ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ سان ۽ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؛ انهي لاءِ تہ اوهين وڍيا وڃو، ۽ زمين جي سڀني قومن ۾ لعنت ۽ ملامت بنجو؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کي ڪاوڙجڻ لاءِ چورين ٿا، يا پاڻ کي ٿا چيڙائين تہ سندن منهن ڦڪا ٿين؟


يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.


اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اسرائيل ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو گناهہ تمام وڏو آهي، ۽ ملڪ خون سان ۽ شهر بي انصافي سان ڀريو پيو آهي: ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ خداوند ڏسي نٿو.


اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ اونڌي هلت هليا آهيون، ۽ شرارت جا ڪم ڪيا اٿئون، ۽ باغي ٿيا آهيون، يعني تنهنجن حڪمن ۽ تنهنجين عدالتن کان منهن موڙيو اٿئون:


جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،


تنهن تي ماڻهو چوندا، تہ انهي جو سبب هي آهي، تہ جڏهن خداوند هنن جي ابن ڏاڏن جو خدا کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو، تڏهن ساڻن جيڪو عهد ڪيو هئائين، سو هنن وساري ڇڏيو؛


۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن کي سجدو ڪيائون، جن جي کين خبر ڪانہ هئي، ۽ نڪي خداوند کين اهي ڏنا هئا:


انهن ڀوتن جي لاءِ قربانيون چاڙهيون، نہ خدا لاءِ؛ ۽ اهڙن معبودن جي لاءِ جن جا هو واقف نہ هئا، يعني نوَن نوَن معبودن جي لاءِ، جن کان سندن ابا ڏاڏا نہ ڊڄندا هئا.


ڇالاءِ جو اهي ڪير هئا جن آواز ٻُڌڻ مهل کيس ڪاوڙايو؟ اُهي سڀيئي نہ هئا ڇا، جيڪي موسيٰ جي وسيلي مصر مان نڪتا هئا؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan