Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 43:3 - Sindhi Bible

3 پر باروڪ بن نيرياہ توکي اسان جي برخلاف چوري ٿو تہ اسان کي ڪسدين جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي، تہ ڀلي هو اسان کي مارائي ڇڏين ۽ اسان کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 پر باروڪ ولد نيرياہ تو کي اسان جي خلاف ڀڙڪائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي بابلين جي حوالي ڪيو وڃي تہ جيئن هو اسان کي ماري ڇڏين يا وري اسان کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي وڃن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 43:3
12 Iomraidhean Croise  

اُهي منهنجي پيار جي عيوض مون سان دشمني ٿا ڪن، پر آءٌ دعا ۾ مشغول ٿو رهان.


۽ اُهو خريداريءَ جو دستاويز مون پنهنجي چاچي جي پٽ حنم ايل جي روبرو، ۽ جن شاهدن خريداريءَ جي دستاويز تي صحيح ڪئي هئي تن جي روبرو، ۽ پهري وارن جي ايوان ۾ جيڪي يهودي ويٺا هئا تن جي روبرو، باروڪ بن نيرياہ بن محسياہ کي ڏئي ڇڏيو.


تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون.


۽ بادشاهہ، شاهزادي يرحمئيل، ۽ شراياہ بن عزري ايل، ۽ سلمياہ بن عبدي ايل کي حڪم ڏنو تہ باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ نبيءَ کي پڪڙيو: پر خداوند انهن کي لڪائي ڇڏيو.


تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون.


تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.


ڇالاءِ جو ڪسدين جي سبب هنن کي ڊپ هو، جو اسماعيل بن نتنياہ، جدلياہ بن اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ زمين تي حاڪم مقرر ڪيو هو.


يعني مردن، ۽ زالن، ۽ ٻارن کي، ۽ بادشاهہ جي ڌيئن کي، ۽ انهن سڀني ماڻهن کي جن کي پهري وارن جو سردار نبوزرادان، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن وٽ ڇڏي ويو هو، ۽ يرمياہ نبي ۽ باروڪ بن نيرياہ کي بہ؛


افسوس اوهان تي، جڏهن سڀ ماڻهو اوهان کي ساراهيندا! ڇالاءِ جو هنن جا ابا ڏاڏا بہ ڪوڙن نبين سان ائين ئي ڪندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan