Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 42:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن يرمياہ نبيءَ هنن کي چيو تہ مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي چوڻ موجب خداوند اوهان جي خدا کان دعا گهرندس؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا ڳالهہ خداوند اوهان کي ورنديءَ ۾ چوندو سا آءٌ اوهان کي صاف ٻڌائيندس؛ آءٌ اوهان کان پٺ تي ڪي بہ ڪين رکندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 مون کين وراڻيو تہ ”مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي. آءٌ پڪ ئي پڪ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرندس، جيئن اوهان عرض ڪيو آهي. آءٌ اوهان کي اهو سڀ ٻڌائيندس، جيڪي خداوند اوهان بابت ٻڌائيندو. آءٌ اوهان کان ڪجھہ بہ نہ لڪائيندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 42:4
13 Iomraidhean Croise  

مون تنهنجي سچائي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکي آهي؛ مون تنهنجيءَ وفاداريءَ ۽ نجات کي ظاهر ڪيو آهي: ۽ تنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائي وڏيءَ جماعت کان ڳجهي ڪانہ رکي اٿم.


تڏهن موسيٰ چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽان وڃان ٿو ۽ خداوند کي عرض ڪندس تہ سڀاڻي اهي مکين جا ميڙ فرعون وٽان، ۽ سندس نوڪرن وٽان، ۽ سندس رعيت وٽان هليا وڃن. پر ائين نہ ٿئي تہ فرعون وري دغا ڪري ۽ هنن ماڻهن کي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ واسطي وڃڻ جي موڪل نہ ڏئي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن نبيءَ ڪو خواب ڏٺو هجي سو ڀلي تہ خواب ٻڌائي؛ ۽ جنهن وٽ منهنجو ڪلام هجي سو ڀلي تہ ايمانداريءَ سان منهنجو ڪلام ٻڌائي، ڪڻڪ جو بهہ سان ڪهڙو واسطو؟


اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي، ۽ هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي ائين چوندو تہ خداوند ڪهڙو جواب ڏنو، ۽ خداوند ڇا فرمايو آهي؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.


۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.


۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس.


ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.


اي ڀائرو، منهنجي دلي خواهش، ۽ هنن جي لاءِ خدا اڳيان منهنجو سوال اهو آهي، تہ شل کين نجات ملي.


تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan