Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 42:3 - Sindhi Bible

3 من خداوند تنهنجو خدا اسان کي اهو رستو ڏيکاري جنهن تي هلون ۽ اُهو ڪم ڏيکاري جو ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 سو اوهين دعا گھرو تہ خداوند خدا اسان جي رهنمائي ڪري تہ اسين ڪيڏانهن وڃون ۽ ڇا ڪريون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 42:3
13 Iomraidhean Croise  

تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، جو تون انهيءَ وقت هنن کي سيکارين ٿو تہ ڪيئن چڱي رستي تي هلن؛ ۽ جيڪا زمين تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏني آهي تنهن تي مينهن موڪلج.


تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.


اي خداوند، مونکي پنهنجو رستو ڏيکار: ۽ منهنجن دشمنن جي سببان مون کي سنئينءَ واٽ تي هلاءِ.


اي خداوند مون کي پنهنجي واٽ سيکار؛ آءٌ تنهنجي سچائيءَ تي هلندس. منهنجي دل هڪ پاسي ڪر تہ تنهنجي نالي کان ڊڄندو رهان.


پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.


۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رستن تي بيهي ڏسو، ۽ جهونين واٽن ۾ پڇا ڪريو، تہ چڱو رستو ڪٿي آهي، پوءِ انهي تي هلو تہ اوهان جا روح آرام پائيندا: پر هنن چيو تہ اسين انهي تي نہ هلنداسين.


۽ گهڻيئي قومون چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل تي، ۽ يعقوب جي خدا جي گهر ڏي چڙهي هلون؛ ۽ اسين سندس رستن تي هلنداسين، ۽ هو اسان کي پنهنجون راهون سيکاريندو: ڇالاءِ جو شريعت صيون مان نڪرندي ۽ خداوند جو ڪلام يروشلم مان.


ڇالاءِ جو اهڙو ڪهڙو انسان آهي، جو اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندو ٻڌي، ۽ پوءِ بہ جيئرو رهي؟


شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan