Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 42:2 - Sindhi Bible

2 ۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 42:2
34 Iomraidhean Croise  

۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو.


شل منهنجو عرض تنهنجي حضور ۾ پهچي: پنهنجي ڪلام موجب مون کي ڇڏاءِ:


تڏهن فرعون چيو تہ آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو: پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گهرجو.


اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.


۽ جڏهن اوهين پنهنجا هٿ پکيڙيندا تڏهن آءٌ پنهنجون اکيون اوهان کان لڪائيندس: هائو، جڏهن اوهين گهڻيون دعائون گهرندا تڏهن آءٌ اُهي نہ ٻڌندس: اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.


شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.


تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو.


خداوند فرمايو تہ يقيناً آءٌ توکي چڱائيءَ جي لاءِ مضبوط ڪندس؛ يقيناً، آءٌ مصيبت ۽ تنگيءَ جي وقت دشمن کي تو وٽ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليندس.


جي ڪاٺ کي چون ٿا تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ ۽ پٿر کي چون ٿا تہ تو اسان کي ڄڻيو آهي: ڇالاءِ جو هنن ڦري مون ڏي پٺ ڪئي آهي، نہ منهن: پر پنهنجي مصيبت جي وقت هو چوندا تہ اُٿي اسان کي بچاءِ.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان جي نسبت ۾ خداوند کان پڇ: ڇالاءِ جو نبوڪدنضر، بابل جو بادشاهہ اسان سان جنگ ٿو ڪري: من خداوند اسان سان پنهنجن سڀني عجيب ڪمن موجب اهڙو سلوڪ ڪري، جو هو اسان وٽان نڪري هليو وڃي.


شايد هو خداوند جي اڳيان منٿ آزي ڪن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي: ڇالاءِ جو جيڪو غصو ۽ جيڪا ڪاوڙ خداوند انهيءَ قوم جي برخلاف ظاهر ڪئي آهي سا وڏي آهي.


۽ هاڻي، اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌ: آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو عرض تنهنجي اڳيان قبول پوي؛ تون مون کي موٽائي يونتن منشيءَ جي گهر نہ موڪل، تہ متان آءٌ اُتي مري وڃان.


۽ صدقياہ بادشاهہ، يهوڪل بن سلمياہ، ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن کي، يرمياہ نبيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گهر.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي يرمياہ نبيءَ کي خداوند جي گهر ۾ جيڪو ٽيون لنگهہ آهي. تنهن ۾ پاڻ وٽ گهرايو: ۽ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ آءٌ توکان هڪڙي ڳالهہ پڇندس؛ مون کان ڪي بہ ڪين لڪائج.


تڏهن يوحنان بن قريحہ، مصفاہ ۾ جدلياہ کي لڪائي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ اسماعيل بن نتنياہ کي قتل ڪريان، ۽ ڪنهن ماڻهو کي انهي جي خبر نہ پوندي: ڇو هو تنهنجو ساهہ وٺي، جنهن ڪري سڀ يهودي جي تو وٽ گڏ ٿيا آهن، سي ٽڙي پکڙي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو ناس ٿي وڃن؟


ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون:


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


پر آءٌ هنن مان ڪن ٿورن کي ترار کان، ۽ ڏڪار کان، ۽ مرض کان بچائيندس؛ انهي لاءِ تہ جن جن قومن ۾ اچن، انهن کي پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


هائو جيتوڻيڪ هو قومن مان ڀاڙي پيا ڪن، تہ بہ آءٌ هن کي گڏ ڪندس؛ ۽ هو بادشاهہ جي ۽ اميرن جي بار جي سببان گهٽجڻ لڳندا.


۽ آءٌ اوهان منجهہ جهنگ جا مرون موڪليندس، جي اوهان جا ٻار کڻي ويندا، ۽ اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا، ۽ اوهان جو شمار گهٽائي ٿورو ڪندا؛ ۽ اوهانجون واٽون سڃيون ٿي پونديون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن زمين جو گاهہ کائي پورو ڪيو، تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ معافي ڏي: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.


۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا.


تڏهن شمعون ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گهُرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڪيون آهن، تن مان ڪابہ مون تي نہ اچي.


جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، تہ پوءِ اوهين جي آسمان جي تارن جيترا هئا؛ سي گهڻو گهٽجي ويندا.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا.


۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي.


۽ سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ تون پنهنجن ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر، تہ اسين مري نہ وڃون؛ ڇالاءِ جو اسان پنهنجن اڳوڻن گناهن تي هيءَ خرابي بہ زيادہ ڪئي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهريو اٿئون.


تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


۽ بني اسرائيل سموئيل کي چيو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا جي اڳيان دانهن ڪرڻ کان متان بس ڪرين، تہ هو اسان کي فلستين جي هٿن کان بچائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan