Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 41:3 - Sindhi Bible

3 اسماعيل انهن سڀني يهودين کي بہ ڪُٺو جي انهيءَ سان، يعني جدلياہ سان مصفاہ ۾ هئا، ۽ انهن ڪسدين کي بہ، يعني جيڪي جنگي مرد اُتي هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ اسماعيل ۽ سندس ساٿين اتي موجود بابلي سپاهين توڙي انهن سڀني يهوداہ وارن کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، جيڪي جِدلياہ سان مصفاہ شهر ۾ رهڻ لڳا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 41:3
6 Iomraidhean Croise  

پر ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ اسماعيل بن نتنياہ، بن اليشع، جو شاهي نسل جو هو، ڏهہ ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو، ۽ جدلياہ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو مري ويو، ۽ جيڪي يهودي ۽ ڪلدي هن سان گڏ مصفاہ ۾ هئا تن کي بہ ماريائين.


ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي.


تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ڏهہ ماڻهو ساڻس هئا، تن اُتي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهي ملڪ تي حاڪم مقرر ڪيو هو، تنهن کي ترار سان ڌڪ هنيون ۽ ڪُٺائونس،


۽ جڏهن هن جدلياہ کي ماريو، ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ جي خبر نہ پئي، تڏهن انهي جي ٻئي ڏينهن هيئن ٿيو، تہ


هوءَ رات جو روئي ٿي، ۽ سندس ڳوڙها سندس ڳلن تي آهن: سندس سڀني سينڍن مان ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو کيس دلاسو ڏئي؛ سندس سڀني دوستن ساڻس دغا جي هلت ڪئي آهي، اُهي سندس دشمن ٿي پيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan