Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 40:3 - Sindhi Bible

3 ۽ خداوند اُها آندي آهي، ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ڪيو اٿس: ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ سندس حڪم نہ مڃيو آهي، تنهن ڪري هي حالت اوهان تي آئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 هاڻ خداوند اها آفت آڻي پوري ڪئي آهي ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ئي ڪيو اٿس. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ ان جي نافرماني ڪئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 40:3
12 Iomraidhean Croise  

پر جڏهن هنن کي آرام آيو، تڏهن وري بہ هو تنهنجي اڳيان بڇڙائي ڪرڻ لڳا: تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو، جي مٿن غالب ٿيا: انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو موٽيا، ۽ تو وٽ دانهون ڪيائون، تڏهن تو اُهي آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ ڪيترائي دفعا تو پنهنجي گهڻي رحم سان هنن کي ڇڏايو؛


انهيءَ هوندي بہ جيڪي اسان تي آيو آهي، تنهن جي ڪري تون انصاف وارو آهين؛ ڇالاءِ جو تون سچائيءَ سان هليو آهين، پر اسان بڇڙا ڪم ڪيا آهن:


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


۽ گهڻيون قومون هن شهر وٽان لنگهنديون ۽ انهن مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي چوندو تہ خداوند ڇو هن وڏي شهر جو ههڙو حال ڪيو آهي؟


وڃي عبد ملڪ ڪوشيءَ کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجون ڳالهيون هن شهر تي خرابيءَ جي لاءِ آڻيندس، نہ چڱائي جي لاءِ؛ ۽ اُهي انهي ڏينهن تنهنجي اڳيان پوريون ٿينديون.


ڇالاءِ جو اوهان لوبان ساڙيو آهي، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ خداوند جو حڪم نہ مڃيو اٿوَ، ۽ نہ ان جي شريعت تي، ۽ نہ اُن جي قانونن تي، ۽ نہ اُن جي شاهدين تي هليا آهيو؛ تنهن ڪري هيءَ خرابي اوهان کي پهتي آهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


خداوند ائين ڪيو آهي جيئن هن رٿيو هو؛ قديم ڏينهن ۾ هن جيڪو ڪلام ڪيو سو پورو ڪيو اٿس؛ هن ڊاهي وڌو آهي ۽ قياس ڪونہ ڪيو اٿس: ۽ هن دشمن کي توتي خوش ڪرايو آهي، هن تنهنجن ويرين جو سڱ مٿي ڪيو آهي.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


تنهن تي ماڻهو چوندا، تہ انهي جو سبب هي آهي، تہ جڏهن خداوند هنن جي ابن ڏاڏن جو خدا کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو، تڏهن ساڻن جيڪو عهد ڪيو هئائين، سو هنن وساري ڇڏيو؛


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan