Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ بادشاهہ ۽ امير بي دل ٿيندا؛ ۽ ڪاهن حيران ٿيندا، ۽ نبي عجب ۾ پوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن بادشاهہ ۽ امير بي‌همت ٿي پوندا، ڪاهنن کي دهشت وٺي ويندي ۽ نبي دهلجي ويندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:9
20 Iomraidhean Croise  

تڏهن شهر جي ڀت کي هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون ۽ سڀ جنگي ماڻهو رات جي وقت ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي کان ڀڄي نڪتا، جو دروازو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان هو: (هاڻي انهيءَ وقت ڪلدي شهر جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا هئا:) ۽ بادشاهہ عرباہ جي رستي کان هليو ويو.


منهنجي دل گاهہ وانگي ڪومائجي ۽ سڪي ويئي آهي؛ ۽ آءٌ پنهنجي ماني کائڻ بہ ڀلجيو وڃان.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا.


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو.


جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛


اي ڌنار، واويلا مچايو ۽ دانهن ڪريو؛ اي گلي جا سردار، اوهين خاڪ ۾ ليٽو؛ ڇالاءِ جو اوهان جي ڪوس جا ڏينهن اچي ڀريا آهن، ۽ آءٌ اوهان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ اوهين هڪڙي نازڪ ٿانوَ وانگي ڪري پوندا.


هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟


قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


تنهن کان پوءِ شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون، ۽ سڀ جنگي مرد اُٿي ڀڳا، ۽ رات جو ٻن ڀتين جي وچ وارو در، جو بادشاهہ جي باغ جي پاسي کان هو، تنهن رستي شهر مان نڪري ٻاهر ٿيا؛ (هاڻي ڪسدي شهر جي چوڌاري موجود هئا:) ۽ هو عرباہ جو رستو ڏيئي هليا ويا.


”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan