Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:7 - Sindhi Bible

7 هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 اهو شينهن جيان پنهنجي چر مان نڪري چڪو آهي، قومن کي ناس ڪندڙ روانو ٿي چڪو آهي. اوهان جي ملڪ کي ويران ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي هنڌان هلي چڪو آهي. توهان جا شهر کنڊر بڻجي ويندا ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ بچندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:7
33 Iomraidhean Croise  

هن جي ڏينهن ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ يهويقيم ٽي ورهيہ هن جو ٻانهو ٿيو: تنهن کانپوءِ هن ڦري هن جي برخلاف فساد ڪيو.


۽ هن جي بادشاهيءَ جي نائين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اُن جي سامهون اچي منزل ڪيائين؛ ۽ اُن جي چوڌاري ڪوٽ جوڙايائين.


اوهان جو ملڪ ويران آهي؛ اوهان جا شهر باهہ سان سڙي ويا آهن؛ اوهان جي زمين کي ڌاريا ماڻهو اوهان جي روبرو ڳهيو ٿا وڃن، ۽ اها سڃي آهي، ۽ ڌارين ماڻهن انهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


لشڪرن جي خدا منهنجي ڪن ۾ چيو تہ يقيناً گهڻا گهر ويران ٿيندا، بلڪ وڏا ۽ عمدا گهر خالي رهندا.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.


جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي.


ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي گهراڻي جي نسبت هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي لاءِ جلعاد وانگر ۽ لبنان جي چوٽي وانگر آهين: انهي هوندي بہ آءٌ ضرور توکي اهڙو ڪندس جهڙا بيابان ۽ اُجاڙ شهر.


۽ آءٌ تنهنجي تباهہ ڪرڻ وارا تيار ڪندس، جن مان هر ڪنهن کي پنهنجا هٿيار هوندا: ۽ اُهي تنهنجا عمدا عمدا ديودار وڍي باهہ ۾ اُڇلائي وجهندا.


هن شينهن وانگي پنهنجي ڏر ڇڏي ڏني آهي! ڇالاءِ جو هنن جو ملڪ زبردست ترار جي سختيءَ ڪري ۽ انهي جي خوفناڪ ڪاوڙ ڪري، حيرت جو سبب ٿي پيو آهي.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جنهن جي نسبت ۾ اوهين چئو ٿا تہ اهو ويران آهي، ۽ منجهس ماڻهو يا جانور ڪونهي، يعني يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ جي ويران آهن، ۽ جنهن ۾ نڪو ماڻهو آهي ۽ نڪو جانور،


ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ حڪم ڏئي هنن کي هن شهر ڏي آڻيندس؛ ۽ اُهي انهي سان وڙهندا، ۽ انهي کي وٺندا، ۽ باهہ سان ساڙيندا: ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ منجهن رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


سڄو شهر گهوڙيسوارن ۽ ڪماندارن جي هل کان ڀڄي ٿو وڃي؛ هو گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي ٿا وڃن، ۽ ٽڪرن تي چڙهي ٿا وڃن: سڀڪو شهر ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ هڪڙو بہ ماڻهو اُنهي ۾ نٿو رهي.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا خرابي مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن تي آندي آهي، سا سڀ اوهان ڏٺي آهي؛ ۽ ڏس، اڄ اُهي اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نٿو رهي.


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي سو فرمائي ٿو، تہ منهنجي حيات جو قسم آهي، تہ جيئن تبور جبلن ۾، ۽ جيئن ڪرمل سمنڊ جي ڪناري تي، تيئن ضرور هو ايندو.


ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟


جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


ڏس هو يردن جي ٻيلي مان مضبوط شهر تي شينهن وانگي ڪاهي ايندو: پر آءٌ اوچتو ئي اوچتو انهن کي وٽانئس ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊي ڪڍيو ويندو، انهي کي آءٌ سندس مٿان مقرر ڪندس؛ ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟


هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن.


۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


۽ جيڪي شهر آباد آهن، سي غير آباد ٿيندا، ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس؛ آءٌ پنهنجي غضب جي باهہ توتي ڦوڪي وجهندس: ۽ آءٌ توکي جهنگلي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي ماري چٽ ڪرڻ ۾ هوشيار آهن.


اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ مرثيو کڻ ۽ چئينس تہ تون قومن ۾ جوان شينهن جو مثال هئين: تہ بہ تون سمنڊ جي ازدها جهڙو آهين؛ تون پنهنجين ندين مان اوچتو نڪري ظاهر ٿيندين، ۽ پنهنجن پيرن سان پاڻيءَ ۾ ولوڙو وجهي ندين کي گندو ڪندين.


۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو:


پهريون شينهن جهڙو هو ۽ عقاب جهڙا پَر هئس: مون پئي نهاريو جيستائين ڪ هن جا پَر پَٽي ڇني ڇڏيائون، ۽ هو زمين کان مٿي کڄي ويو، ۽ انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو، ۽ هن کي انسان جي دل ڏني ويئي.


۽ آءٌ اوهان جا شهر ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ اوهان جا پاڪ مڪان سڃا ڪري ڇڏيندس، ۽ آءٌ اوهانجين خوشبودار شين کي ڪين سنگهندس.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan