Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:5 - Sindhi Bible

5 اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 يروشلم ۾ بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ اعلان ڪرايو وڃي، هائو، پڙها ڏياري ۽ نفيلون وڄائي وڏي واڪي پڪاريو وڃي تہ ”اچو تہ گڏجي ڪوٽ وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:5
16 Iomraidhean Croise  

جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو.


اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ يهوداہ جي ماڻهن کي، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌايو؛


پر هيئن ٿيو تہ جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر هن ملڪ ۾ آيو تڏهن اسان چيو تہ اچو تہ ڪسدين جي لشڪر جي ڊپ کان ۽ ارامين جي لشڪر جي ڊپ کان يروشلم ڏي هلون: تنهن ڪري اسين يروشلم ۾ رهندا اچون.


اها ڳالهہ اوهين يعقوب جي گهراڻي ۾ پڌري ڪريو، ۽ يهوداہ ۾ اشتهار ڏيو، ۽ چئو تہ،


اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.


اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي جو اها ڳالهہ سمجهي؟ ۽ اُهو ڪير آهي جنهن کي خداوند جي وات فرمايو آهي تہ انهي کي ظاهر ڪري ٻڌائي؟ ڇو اها زمين اهڙي ناس ٿي ۽ سڙي بيابان ٿي ويئي آهي، جو ڪوبہ انهي مان نٿو لنگهي؟


هنن قرناءِ وڄائي آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تيار ڪيو اٿن؛ پر ڪوبہ جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو وڃي: ڇالاءِ جو منهنجو غضب انهي جي ساري جماعت تي نازل ٿيو آهي.


قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.


اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


شينهن گجيو آهي، ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، ڪير نبوت نہ ڪندو؟


تون پنهنجي لاءِ چانديءَ جون ٻہ قرنائيون جوڙ؛ اهي گهڙيل ڪم جون جوڙج، ۽ تون اهي جماعت کي سڏڻ لاءِ، ۽ ڇانوڻين جي ڪوچ ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ آڻج.


جڏهن اهي وڄائين تڏهن ساري جماعت، جماعت واري تنبوءَ جي در تي تو وٽ اچي گڏ ٿئي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل هنن کي قتل ڪري چڪا، اهڙو جو هو مري کپي ويا، تڏهن باقي جيڪي انهن مان بچيا هئا سي ڪوٽن وارن شهرن ۾ وڃي لڪا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan