Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:12 - Sindhi Bible

12 پر هڪڙو سخت واءُ مون وٽان ايندو: هاڻي آءٌ انهن تي فتويٰ بہ ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 پر اهو هڪڙو سخت واءُ هوندو جيڪو منهنجي طرفان هوندو. انهن تي اها فتويٰ آءٌ خداوند ڏيان ٿو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:12
10 Iomraidhean Croise  

بڇڙن تي هو ڦندا وسائيندو؛ باهہ ۽ گندرف ۽ جهولو انهن جي پيالي جو حصو ٿيندو.


۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن.


انهيءَ وقت انهي قوم کي، ۽ يروشلم کي چيو ويندو، تہ بيابان ۾ اُگهاڙين ٽڪرين تان منهنجي قوم جي ڌيءَ ڏانهن جهولو لڳندو، نہ واءُ هڻڻ يا صاف ڪرڻ جي لاءِ؛


ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل تي ۽ ليپ ڪمائي جي رهاڪن تي ناس ڪندڙ واچ اُٿاريندس.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قومن جي روبرو عدالتن جي تعميل ڪندس.


جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.


تڏهن هو واءُ وانگي گذري ٿا وڃن، ۽ قصور ڪري ڏوهاري ٿا ٿين، ڇالاءِ جو هنن جو زور سندن خدا آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan