Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن مون يرمياہ چيو تہ ”اي خداوند خدا! تو ڪيئن نہ هن قوم ۽ يروشلم کي صفا دوکو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو چيو هو تہ ’اوهين سلامت رهندا،‘ پر هاڻي تہ تلوار اسان جي ڪنڌ تي اچي پهتي آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:10
21 Iomraidhean Croise  

تڏهن موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ چيائين تہ اي خداوند، تو ڇو هن اُمت کي مصيبت ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو مون کي موڪليو اٿيئي؟


ڇالاءِ جو هن ڀيري آءٌ پنهنجون سڀ آفتون تنهنجيءَ دل تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي، ۽ تنهنجيءَ رعيت تي موڪليندس، تہ توکي خبر پوي تہ ساريءَ زمين تي مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.


اي خداوند ڇو تون اسان کي پنهنجن رستن کان گمراهہ ٿو ڪرين، ۽ اسان جي دل کي سخت ٿو ڪرين تہ تنهنجو ڊپ نہ رکون؟ پنهنجن بندن جي خاطر، ۽ پنهنجي ميراث جي قبيلن جي خاطر موٽي اچ.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.


جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي:


تنهنجي هلت ۽ تنهنجي ڪمن اهي واقعا تنهنجي سر تي آندا آهن؛ اها تنهنجي شرارت آهي؛ بيشڪ اها ڪَڙي آهي، جو تنهنجي دل تائين وڃي رسي آهي.


هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين:


هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


۽ هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي؛ پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


جوان ۽ ٻڍو ماڻهو ٻئي گهٽين ۾ زمين تي سُتا پيا آهن؛ منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان ماڻهو ترار سان مارجي ويا آهن: تو انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن ڪُٺو آهي؛ تو ڪوس ڪيو اهي، ۽ رحم ڪونہ ڪيو اٿيئي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون نبوت پئي ڪئي، تڏهن فلطياہ بن بناياہ ڪِري پيو ۽ مري ويو. تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس ۽ وڏي آواز سان دانهون ڪري چيم، تہ هاءِ، خداوند خدا! تون اسرائيل جي باقي بچيلن جي اصل پڄاڻي ڪري ڇڏيندين ڇا؟


انهي ڪري خدا اُنهن جي دلين جي خواهش موجب کين ناپاڪيءَ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ اُنهن جا بدن پاڻ ۾ بي آبرو ڪيا وڃن:


انهي سبب ڪري خدا هنن کي گندين خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي زالن پنهنجو طبعي ڪم مٽائي اُهو ڪيو جو طبع جي برخلاف آهي.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan