Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 34:3 - Sindhi Bible

3 ۽ تون انهي جي هٿان ڀڄي نہ ويندين، پر ضرور گرفتار ٿيندين، ۽ انهي جي هٿ ۾ ڏنو ويندين؛ ۽ تنهنجون اکيون بابل جي بادشاهہ جون اکيون ڏسنديون، ۽ هو تو سان روبرو ڳالهائيندو ۽ تون بابل ڏي ويندين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 تون بہ هن جي هٿان بچي نہ سگھندين، بلڪ يقيناً پڪڙيو ويندين ۽ ان جي حوالي ڪيو ويندين. تو کي بابل جي بادشاهہ آڏو آندو ويندو ۽ هو تو سان ڳالهائيندو. پوءِ تو کي بابل ڏانهن نيو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 34:3
18 Iomraidhean Croise  

۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.


اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندس ۽ هو وٺندو:


ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛


۽ يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ ڪسدين جي هٿان بچي نڪري نہ ويندو، پر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ هن سان روبرو ڳالهائيندو، ۽ هنن جون اکيون هڪٻئي کي ڏسنديون؛


۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ، ۽ سندس اميرن کي آءٌ سندن دشمنن جي، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن ۽ بابل جي بادشاهہ جي لشڪر، جو اوهان وٽان هليو ويو آهي، تنهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.


انهيءَ هوندي بہ، اي صدقياہ، يهوداہ جا بادشاهہ، خداوند جو ڪلام ٻڌ: تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ترار سان نہ مرندين؛


تڏهن صدقياہ بادشاهہ هن کي ماڻهو موڪلي گهرائي ورتو: ۽ بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ ڳجهيءَ طرح هن کان پڇيو تہ خداوند وٽان ڪو ڪلام آيو آهي يا نہ؟ ۽ يرمياہ چيو تہ آيو آهي، هن هيترو بہ چيو تہ تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.


پر جي تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري نہ ويندين، تہ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اُهي هن کي باهہ سان ساڙيندا ۽ تون انهن جي هٿان ڀڄي نہ نڪرندين.


پوءِ تنهنجون هو سڀ زالون ۽ تنهنجا ٻار ڪسدين وٽ وٺي ايندا: ۽ تون هنن جي هٿان بچي نہ نڪرندين پر بابل جي بادشاهہ جي هٿ چڙهندين، ۽ تون هن شهر کي باهہ سان ساڙائيندين.


آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو.


پر هو کانئس باغي ٿيو، جو پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ کيس گهوڙا ۽ لشڪر ڏين. اُهو ڪو ڪامياب ٿيندو ڇا؟ جيڪو اهڙا ڪم ٿو ڪري سو ڀڄي ڇُٽندو ڇا؟ عهد اقرار ڀڃي پوءِ بہ هو بچندو ڇا؟


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً جنهن بادشاهہ هن کي بادشاهہ ڪيو، سو جنهن جاءِ ۾ رهي ٿو، جنهن جي قسم جي هن حقارت ڪئي، ۽ جنهن جو عهد اقرار هن ڀڳو، انهي سان گڏ هو بابل جي وچ ۾ مرندو.


پوءِ اي سخت ڦٽيل شرير شخص، اسرائيل جا سردار، جنهن جو ڏينهن اچي پهتو آهي، يعني پڇاڙيءَ جي سزا جو وقت.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan