Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 30:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل ۽ يهوداہ جو قيد وري ڦيرائي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي موٽائي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 30:3
45 Iomraidhean Croise  

۽ جڏهن ستون مهينو آيو، ۽ بني اسرائيل شهرن ۾ رهيل هئا، تڏهن ماڻهو يڪ مُشت ٿي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.


پر گهڻا ئي ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس، يعني اُهي پير مرد، جن پنهنجين اکين سان اڳئين گهر جو بنياد پوندو ڏٺو هو، سي وڏي آواز سان روئڻ لڳا:


هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.


جهڙيءَ طرح ڏکڻ واريون نديون پاڻيءَ سان ڀرجي ٿيون اچن، تهڙيءَ طرح اي خداوند اسان جي قيدين کي موٽائي وٺي اچ.


شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خدا پنهنجيءَ اُمت جي قيدين کي موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو.


پر هيئن چوڻ ۾ ايندو تہ انهيءَ جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي اُتر واري زمين مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ هن انهن کي هڪالي موڪليو هو انهن مان، کين ڪڍي آندو: ۽ آءٌ انهن کي وري بہ سندن انهي ملڪ ۾ آڻيندس جو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


پر جيڪا قوم بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ پنهنجي ڳچي آڻي وجهندي، ۽ انهي جي خدمت ڪندي، تنهن قوم کي ئي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سندن زمين ۾ رهڻ ڏيندس، ۽ اُها هو پوکيندا ۽ انهي ۾ هو رهندا.


اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جڏهن بابل جي لاءِ ستر ورهيہ گذري ويندا تڏهن آءٌ اچي اوهان جي سار لهندس، ۽ جيڪو چڱو انجام اوهان سان ڪيو اٿم سو پورو ڪندس، ۽ اوهان کي موٽائي هن هنڌ آڻيندس.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.


۽ اُهي ڳالهيون جي خداوند اسرائيل بابت ۽ يهوداہ بابت ڪيون سي هي آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ رئڻ کان پنهنجو آواز روڪ، ۽ لڙڪن کان پنهنجن اکين کي جهل: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي تنهنجو اجر ملندو: ۽ هو دشمن جي ملڪ مان موٽي ايندا.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ هنن جا قيدي موٽائي آڻيندس تڏهن هو وري بہ يهوداہ جي زمين ۾ ۽ ان جي شهرن ۾ هيئن چوندا: تہ اي انصاف جا مڪان، اي پاڪ جبل، شل خداوند توکي برڪت ڏئي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهر ۾، ۽ يهوداہ جي گهر ۾ ماڻهوءَ ۽ جانور جو ٻج پوکيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي سان ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان نئون عهد اقرار ڪندس:


ڏس خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن ايل جي ٺلهہ کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين خداوند جي لاءِ شهر اڏجي ويندو.


ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس:


ماڻهو پئسن تي ٻنيون خريد ڪندا، ۽ دستاويزن تي صحيح ڪندا، ۽ اُنهن تي مهرون هڻندا ۽ شاهدي ڏيندا؛ جهڙو بنيمين جي زمين ۾، تهڙو يروشلم جي آس پاس ۽ يهوداہ جي شهر ۾: جهڙو ڪوهستان جي شهرن ۾، تهڙو نشيب واري زمين ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس.


تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.


۽ يرمياہ هڪڙي ڪتاب ۾ اُهي سڀ خرابيون لکي ڇڏيون جي بابل تي اچڻيون هيون، يعني اُهي سڀ ڳالهيون جي بابل جي نسبت ۾ لکجن ٿيون.


۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن اوهان کي اسرائيل جي زمين ۽ انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن جي ڏيڻ لاءِ مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


۽ آءٌ انهن کي قومن منجهان ڪڍندس، ۽ ملڪن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ انهن کي سندن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ۽ انهن کي اسرائيل جي جبلن تي پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنارن تي ۽ ملڪ جي سڀني آباد جاين تي چاريندس.


ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍندس، ۽ سڀني ملڪن مان گڏ ڪندس، ۽ اوهان کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻيندس.


۽ اوهان مان هر ڪنهن کي هڪ جهڙو ورثو ملندو؛ جنهن بابت مون قسم کنيو تہ اُها اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏيندس: ۽ اها زمين اوهان جي ورثي ۾ ايندي.


ڇالاءِ جو ڏسو، اُنهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت، جڏهن آءٌ يهوداہ ۽ يروشلم جا قيدي موٽائي آڻيندس،


۽ اهو ئي ڪنارو يهوداہ جي باقي رهيلن جي لاءِ ٿيندو؛ انهي تي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا: اسقلون جي مڪانن ۾ هو شام جو اچي سمهندا؛ ڇالاءِ جو خداوند سندن خدا سندن سار لهندو، ۽ سندن قيدي موٽائي آڻيندو.


انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي اندر وٺي ايندس، ۽ انهي وقت آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ اوهانجين اکين اڳيان اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس، تڏهن آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني قومن ۾ تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


۽ هن شاگردن کي چيو تہ اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن اوهين ابن آدم جي ڏينهن مان هڪڙي کي ڏسڻ لاءِ پيا سِڪندا، پر ڏسي ڪين سگهندا.


ڇوتہ اُهي ڏينهن توتي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچو ٻَڌي توکي ويڙهي ويندا، ۽ چوطرف اچي توکي سوڙهو گهٽيندا!


اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن هي شيون جي اوهين ڏسو ٿا، تن مان پهڻ، پهڻ تي نہ رهندو، جو ڊاٺو نہ ويندو.


تڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجو قيد ڦيرائي ڇڏيندو، ۽ توتي رحم ڪندو، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجي خدا توکي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان توکي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.


۽ خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي تنهنجي ابن ڏاڏن جو قبضو هو؛ ۽ جنهن تي تنهنجو قبضو ٿيندو؛ ۽ هو توسان ڀلائي ڪندو، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ توکي گهڻو وڌائيندو.


تنهنڪري هن جا عيب پڌرا ڪري هو چوي ٿو، تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا، جو آئون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداهہ جي گهراڻي سان نئون عهد ڪندس؛


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan