Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:9 - Sindhi Bible

9 ۽ هيئن ٿيو تہ اُن جي زناڪاريءَ جي هلڪائيءَ ڪري زمين پليت ٿي، ۽ هن پٿرن ۽ بنڊن سان زنا ڪئي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 کيس ڪوبہ شرم نہ آيو. هن پٿرن ۽ وڻن جي پوڄا ڪندي ڄڻ زناڪاري ڪري ملڪ کي پليت ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:9
16 Iomraidhean Croise  

پر اوهين جي جادوگرن جا پٽ، ۽ زناڪار مرد، ۽ ڪسبياڻيءَ جو اولاد آهيو، سي ويجها اچو.


وادين جي لسن پهڻن ۾ تنهنجو حصو آهي؛ اُهي تنهنجي نصيب ۾ آهن: انهن ئي جي لاءِ تو پيئڻ واري قرباني اوتي آهي، ۽ نذرانو پيش ڪيو اٿيئي. انهن ڳالهين هوندي منهنجي ڪاوڙ ٿڌي ٿيندي ڇا؟


پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


جي ڪاٺ کي چون ٿا تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ ۽ پٿر کي چون ٿا تہ تو اسان کي ڄڻيو آهي: ڇالاءِ جو هنن ڦري مون ڏي پٺ ڪئي آهي، نہ منهن: پر پنهنجي مصيبت جي وقت هو چوندا تہ اُٿي اسان کي بچاءِ.


۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.


اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


تو منهنجي ڏنل سون ۽ روپي مان پنهنجا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ ماڻهن جا بُت جوڙيا ۽ انهن سان زنا ڪئي.


انهن هن کي اگهاڙو ڪيو، انهن سندس پٽ ۽ ڌيئرون قابو ڪيون، ۽ کيس ترار سان ڪُهي ڇڏيائون: ۽ هوءَ زالن ۾ هڪڙو پهاڪو ٿي ويئي، ڇالاءِ جو انهن مٿس فتوائن جي تعميل ڪئي.


انهي طرح تو پنهنجي جوانيءَ واري شهوت پرستي ياد ڪئي، جو مصري تنهنجا ڏُڪ نپوڙيندا هئا، ۽ تنهنجي جوانيءَ جون ڇاتيون مَليندا هئا.


انهن مصر ۾ زناڪاري جا ڪم ڪيا؛ بلڪ انهن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ زناڪاريءَ جا ڪم ڪيا؛ اُتي هنن جون ڇاتيون مليون ويون، ۽ اُتي هنن جي ڪنوارپڻ جا ڏُڪ نپوڙيا ويا.


اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛


منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن.


اي خداوند آءٌ تنهنجي اڳيان فرياد ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن، ۽ شعلن جهنگ جا سڀ وڻ ساڙي ڇڏيا آهن.


افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي زال کي زنا جي سبب کانسواءِ ڪڍي ٿو ڇڏي، سو هن کي زناڪار ٿو ڪري: ۽ جيڪو انهيءَ نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan