Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:8 - Sindhi Bible

8 ۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 مون اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم کي سندس زناڪاريءَ جي ڪري طلاق نامو ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. اهو ڏسندي بہ سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم ڪانہ ڊني، اٽلندو اها بہ وڃي زناڪاري ڪرڻ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:8
20 Iomraidhean Croise  

تنهن کانسواءِ هن يهوداہ جي جبلن ۾ مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي زناڪار ڪيائين، ۽ يهوداہ کي گمراهہ ڪري ڇڏيائين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.


ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن.


۽ تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريا آهي جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي کٻي پاسي ٿي رهي، ۽ تنهنجي ننڍي ڀيڻ جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي سڄي پاسي ٿي رهي سا سدوم آهي.


انهي هوندي بہ تون هنن جي راهہ تي نہ هلينءَ، ۽ نہ رڳو هنن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ڄڻ تہ اها تمام ٿوري ڳالهہ هئي، پر تو پنهنجن سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ برائي ڪئي آهي.


نڪي سامريا تنهنجن گناهن جي اڌ جيترا ڪيا آهن، پر تو پنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم هنن کان بہ وڌيڪ ڪيا آهن، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم تو ڪيا آهن تن سڀني جي ڪري پنهنجين ڀينرن کي پاڻ کان وڌيڪ بي گناهہ ثابت ڪيو اٿيئي.


۽ هو وٽس ويا، جيئن ماڻهو ڪنهن ڪڃريءَ وٽ ويندا آهن: انهي طرح هو انهن فاحشہ زالن اهولہ ۽ اهوليبہ وٽ ويا.


جنهنڪري مون هن کي سندس سينڌن جي حوالي ڪري ڇڏيو، يعني اسورين جي حوالي، جن سان هن جي حد کان گهڻي محبت هوندي هئي.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا.


جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال سان شادي ڪري، تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو انهي ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهہ ڏسي، انهيءَ کي پسند نہ ڪري، تہ هو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس.


۽ جي هي ٻيو مڙس بہ انهيءَ مان بيزار ٿي پوي، تہ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جي هي ٻيو مڙس، جنهن هن سان شادي ڪئي هئي، سو مري وڃي؛


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan