Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:7 - Sindhi Bible

7 ۽ هوءَ اُهي سڀ ڪم ڪري چڪي تنهن کان پوءِ مون چيو تہ هوءَ موٽي مون ڏي ايندي؛ پر نہ موٽي: ۽ سندس دغاباز ڀيڻ يهوداہ اهو حال ڏٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 مون سوچيو تہ هوءَ اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ توبهہ‌تائب ٿي مون ڏانهن موٽي ايندي، پر ائين نہ ٿيو. سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:7
15 Iomraidhean Croise  

پر پنهنجي پيءُ جي خدا جي طلب ٿي رکيائين ۽ انهيءَ جي حڪمن تي ٿي هليو، ۽ نہ اسرائيلين جي ڪمن موافق.


اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟


جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداهہ جي گهراڻي مون سان ڏاڍي دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.


۽ تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريا آهي جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي کٻي پاسي ٿي رهي، ۽ تنهنجي ننڍي ڀيڻ جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي سڄي پاسي ٿي رهي سا سدوم آهي.


انهي هوندي بہ تون هنن جي راهہ تي نہ هلينءَ، ۽ نہ رڳو هنن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ڄڻ تہ اها تمام ٿوري ڳالهہ هئي، پر تو پنهنجن سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ برائي ڪئي آهي.


۽ منهنجي قوم ڪوتاهي ڪرڻ تي مائل آهي: جيتوڻيڪ هو انهن کي انهي وٽ اچڻ لاءِ سڏين ٿا جو بلنديءَ تي آهي، تہ بہ ڪو انهي کي تعظيم نہ ٿو ڏئي.


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


انهي ڪري ٻہ يا ٽي شهر پاڻي پيئڻ لاءِ رلندا، هڪڙي شهر ۾ آيا، پوءِ بہ ڍءُ نہ ٿين: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan