Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:4 - Sindhi Bible

4 هن وقت کان وٺي اڳتي تون پڪاري مون کي نہ چوندينءَ ڇا تہ اي منهنجا پيءُ تون منهنجي جوانيءَ جو رهبر آهين؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 پنهنجي اهڙيءَ حالت ۾ تون مون کي چوين ٿي تہ ’اي منهنجا ابا! تو منهنجي ننڍپڻ کان وٺي مون سان پيار ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:4
16 Iomraidhean Croise  

ب جوان ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح پنهنجي چال صاف رکندو؟ تنهنجي ڪلام موجب انهي جي خبرداري ڪرڻ سان.


ڇو تہ هي خدا هميشہ تائين اسان جو خدا آهي: هو موت تائين اسان جو سونهون ٿيندو.


اي خدا، منهنجي ننڍپڻ کان وٺي تو مونکي سيکاريو آهي؛ ۽ مون تنهنجن عجيب ڪمن جو اظهار ڪيو آهي.


ڇو جو اي خداوند خدا، تو ۾ منهنجي اُميد آهي؛ ننڍپڻ کان منهنجو توتي ئي ڀروسو آهي.


ڀورڙن ماڻهن کي هوشياري ڏيڻ لاءِ، جوان ماڻهوءَ کي علم ۽ سياڻپ ڏيڻ لاءِ:


جا پنهنجي جوانيءَ جو سنگتي ڇڏي ڏئي ٿي، ۽ پنهنجي خدا جو عهد اقرار وساري ڇڏي ٿي:


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


جي ڪاٺ کي چون ٿا تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ ۽ پٿر کي چون ٿا تہ تو اسان کي ڄڻيو آهي: ڇالاءِ جو هنن ڦري مون ڏي پٺ ڪئي آهي، نہ منهن: پر پنهنجي مصيبت جي وقت هو چوندا تہ اُٿي اسان کي بچاءِ.


پر مون چيو تہ ڪيئن آءٌ توکي پنهنجي اولاد ۾ داخل ڪريان، ۽ توکي هڪڙي سٺي ملڪ ۾، يعني قومن جو چڱي ۾ چڱو حصو ورثو ڪري ڏيان؟ ۽ مون چيو تہ اوهين مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندا؛ ۽ منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦري نہ ويندا.


اي نٺر ڌيءَ، ڪيستائين تون هيڏي هوڏي پئي رلندينءَ؟ خداوند زمين تي هڪڙي نئين شيءِ پيدا ڪئي آهي، يعني زال مڙس کي گهيري ويندي.


هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.


۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙو سبب آهي؟ انهي ڪري جو خداوند تنهنجي ۽ تنهنجي جوانيءَ جي زال جي وچ ۾ شاهد آهي: جيتوڻيڪ هوءَ تنهنجي رفيق ۽ متعهدي زال آهي، تہ بہ تو انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan