Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 3:10 - Sindhi Bible

10 ۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم مون ڏانهن پوريءَ دل سان موٽ نہ ڪئي آهي، رڳو رياڪاري ڪئي اٿن. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 3:10
13 Iomraidhean Croise  

۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل جي ذمي هئا، تن سڀني مان يوسياہ سڀ ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون، ۽ اسرائيل ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کان خداوند سندن خدا جي عبادت ڪرايائين. هن جي سڀني ڏينهن ۾ ماڻهو خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي پيروي ڪرڻ کان ٻئي پاسي ڦري نہ ويا.


منهنجو نالو ٻڌندي ئي، اُهي منهنجي فرمانبرداري ڪندا: پرديسي بہ اچي منهنجي پيش پوندا.


خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا.


آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


اي بني اسرائيل اوهين انهي ڏانهن ڦرو، جنهن سان اوهان سخت بغاوت ڪئي آهي.


هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.


تون انهن کي پوکيو آهي، هائو هو پاڙ هڻي ويا آهن؛ هو وڌن ٿا، هائو هو ڦر ٿا ڪڍن: تون هنن جي وات کي ويجهو آهين، پر هنن جون دليون پري آهن.


اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!


هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن.


مون اوهان کي جهوٽي ۽ رتيءَ سان ضربيو: اوهانجن گهڻن باغن، ۽ ڊاک جي منهن، ۽ اوهان جي انجير جي وڻن، ۽ زيتون جي وڻن کي ڪينئون کائي چٽ ڪري ويو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan