Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 29:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي جيڪو خط يرمياہ نبيءَ يروشلم مان باقي رهيلن قيدي بزرگن ڏي، ۽ ڪاهنن ۽ نبين ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏي موڪليو، جن کي نبوڪدنضر قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏي وٺي ويو هو، تنهنجا هي لفظ آهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 مون يرمياہ يروشلم مان قيد ڪيل باقي اڳواڻن ڏانهن ۽ ڪاهنن، نبي سڏائيندڙن ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏانهن هڪ خط لکي موڪليو جن کي نبوڪدنضر جلاوطن بڻائي يروشلم مان بابل ملڪ ڏانهن وٺي ويو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 29:1
16 Iomraidhean Croise  

پوءِ مردڪئي هي ڳالهيون لکيون، ۽ بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ جيڪي يهودي هئا، تن سڀني ڏانهن، ويجهو توڙي پري، خط لکي موڪليائين،


پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ هن نصيحت جي ڪلام جي برداشت ڪريو: ڇالاءِ جو مون اوهان ڏانهن مختصر طور لکيو آهي.


۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن:


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ مون اوهان کي پنهنجي خط سان غمگين ڪيو، تڏهن بہ انهي ڪري پڇتايان نٿو، اگرچہ اڳي پڇتائيم ٿي؛ ڇالاءِ جو آئون ڏسان ٿو تہ انهي خط اوهان کي غمگين ڪيو اگرچہ ٿوري وقت تائين.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي بابل ڏي ويلن يهوداہ جي سڀني قيدين سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس: ڇالاءِ جو آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس.


ڏسو، ڪهڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان مون پنهنجي هٿ سان اوهان کي لکيو آهي.


۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.


۽ هڪڙي سال جي گذرڻ کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر هن کي ماڻهو موڪلي بابل ۾ آڻايو، ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گهر جا چڱا چڱا باسڻ بہ آندائين، ۽ سندس ڀاءُ صدقياہ کي يهوداہ ۽ يروشلم جو بادشاهہ ڪيائين.


اُن موجب حننياہ نبي، انهي ساڳئي ورهيہ جي ستين مهيني ۾ مري ويو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي نبي اوهان منجهہ آهن ۽ اوهان جا غيب دان اوهان کي نہ ٺڳين، ۽ جيڪي خواب اوهين لهو ٿا تن تي نہ هلو.


تنهن ڪري اوهين جي آهيو، ۽ سڀ قيدي جن کي مون يروشلم مان بابل ڏي موڪلي ڇڏيو آهي، خداوند جو ڪلام ٻڌو.


۽ يرمياہ سراياہ کي چيو تہ جڏهن تون بابل ۾ اچين تڏهن ياد ڪري هي سڀ ڳالهيون پڙهجانءِ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan