Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:4 - Sindhi Bible

4 ۽ انهن کي سندن ڌڻين ڏي تاڪيد ڏئي چوائي موڪل تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجن ڌڻين کي هيئن چئو، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌائين تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:4
8 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.


۽ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ اچن، تن جي هٿان ادوم جي بادشاهہ، ۽ بني عمون جي بادشاهہ، ۽ صور جي بادشاهہ، ۽ صيدا جي بادشاهہ ڏي اُهي موڪلي ڏي؛


مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ مون هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وڌي آهي، انهي لاءِ تہ هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت چاڪري ڪن؛ ۽ هو ضرور ان جي خدمت چاڪري ڪندا: ۽ مون هن کي جهنگ جا جانور بہ ڏنا آهن.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو نہ آهي، ڇالاءِ جو هو سڀني شين جو جوڙيندڙ آهي؛ ۽ اسرائيل هن جي ورثي وارو فرقو آهي: انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan