Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:2 - Sindhi Bible

2 پنهنجي لاءِ بند ۽ گز ٺاهہ ۽ اُهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهہ:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند مون کي حڪم فرمايو تہ ”اي يرمياہ! پنهنجي لاءِ ڪاٺيءَ جي هڪڙي پاڃاري ٺاهہ، جيڪا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي چمڙي جي پٽن سان ٻڌي ڇڏ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:2
18 Iomraidhean Croise  

۽ صدقياہ بن ڪنعانہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي هٽائي ڪڍندين، جيسين ڪ اُهي چٽ ٿي وڃن.


ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون کي؛


پر جيڪا قوم بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ پنهنجي ڳچي آڻي وجهندي، ۽ انهي جي خدمت ڪندي، تنهن قوم کي ئي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سندن زمين ۾ رهڻ ڏيندس، ۽ اُها هو پوکيندا ۽ انهي ۾ هو رهندا.


۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.


۽ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ هن جي پاڃاري تنهنجي ڳچيءَ تان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تنهنجا بند ڦوڙيندس؛ ۽ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري نہ وٺندا.


تحفنحيس بہ اُهو ڏينهن پاڻ ڪڍي وٺندو، ۽ انهي وقت اُتي آءٌ مصر جون پاڃاريون ڀڃي ڇڏيندس، ۽ سندس طاقت جو فخر منجهس گم ٿي ويندو: ۽ خود کيس بادل ڍڪي ڇڏيندو: ۽ سندس ڌيئرون قيد ٿي وينديون.


زنجير ٺاهہ، ڇالاءِ جو ملڪ خونريزيءَ جي ڏوهن سان ڀريو پيو آهي، ۽ شهر ظلم سان ڀريل آهي.


خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ پوئين پوکيل فصل جي شروعات ۾ هن مڪڙ پيدا ڪيا، ۽ ڏٺم تہ بادشاهہ جي حصي لڻڻ کانپوءِ اهو پويون فصل هو، جو ڦٽي نڪتو هو.


خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan