Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 27:1 - Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾ هي ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ ئي خداوند وٽان مون يرمياہ تي فرمان نازل ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 27:1
8 Iomraidhean Croise  

جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، ۽ اُها لبنان واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.


جڏهن صدقياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ بادشاهي ڪئي:


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي بادشاهت جي شروع ۾ خداوند وٽان هي ڪلام نازل ٿيو.


۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.


۽ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ اچن، تن جي هٿان ادوم جي بادشاهہ، ۽ بني عمون جي بادشاهہ، ۽ صور جي بادشاهہ، ۽ صيدا جي بادشاهہ ڏي اُهي موڪلي ڏي؛


۽ ساڳئي سال ۾، يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾، چوٿين ورهيہ جي پنجين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ حننياہ بن عزور نبي، جو جبعون جو هو، تنهن خداوند جي گهر ۾ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي روبرو مون کي چيو، تہ


اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي ڏهين ورهيہ، جو نبوڪدرضر جو ارڙهون ورهيہ هو، خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan