Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 26:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن اميرن ۽ سڀني ماڻهن ڪاهنن ۽ نبين کي چيو، تہ هيءُ ماڻهو موت جي سزا جو لائق ناهي؛ ڇالاءِ جو هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 26:16
19 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟


منهنجي بدران ڪير بدڪارن جي برخلاف کڙو ٿيندو؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ خطاڪارن جي سامهون ٿيندو؟


جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو.


تڏهن ڪاهنن ۽ نبين انهن اميرن کي ۽ باقي سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ هي ماڻهو موت جي سزا جو لائق آهي؛ ڇالاءِ جو هن شهر جي برخلاف نبوت ڪئي اٿس، جيئن اوهان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي.


۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:


تڏهن اميرن باروڪ کي چيو تہ تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو؛ تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ ڪٿي آهيو.


تنهن هوندي بہ الناتن، ۽ دلاياہ، ۽ جمرياہ بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهي نہ ساڙ؛ پر هن انهن جي نہ ٻڌي.


۽ امير يرمياہ تي ڪاوڙيا، ۽ هن کي مار ڏنائون، ۽ يونتن منشيءَ جي گهر ۾ کڻي قيد ڪيائونس؛ ڇالاءِ جو هنن اُهو قيدخانو بنايو هو.


هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.


۽ اسان جي سزا تہ حقي واجبي آهي، جو اسين پنهنجو ڪيتو ٿا لوڙيون، پر هن ماڻهوءَ تہ ڪوبہ قصور ڪونہ ڪيو آهي.


۽ هي جيڪي ٿيو، سو صوبيدار ڏسي خدا جي تعريف ڪري چوڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو راستباز هو.


۽ خبر پيم تہ هنن پنهنجيءَ شريعت جي ئي ڳالهين جي سببان مٿس تهمت رکي آهي، مگر مٿس اهڙو ڪو الزام نہ آندو هئائون جو موت يا قيد جي سزا جوڳو هجي.


پوءِ تہ ڏاڍو گوڙ اچي متو، ۽ فريسين جي طرف جا ڪي عالم اُٿي بيٺا، ۽ جهيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ اسين هن ماڻهوءَ ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ٿا ڏسون: ۽ جي ڪنهن روح يا ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا؟


پر مون کي خبر پيئي تہ هن موت جي سزا جوڳو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي: پر جڏهن هن پاڻ شهنشاهہ وٽ اپيل ڪئي، تڏهن ٺهراءُ ڪيم تہ کيس اوڏانهن موڪليان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan