Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 26:11 - Sindhi Bible

11 تڏهن ڪاهنن ۽ نبين انهن اميرن کي ۽ باقي سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو، تہ هي ماڻهو موت جي سزا جو لائق آهي؛ ڇالاءِ جو هن شهر جي برخلاف نبوت ڪئي اٿس، جيئن اوهان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن انهن عملدارن ۽ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن يروشلم شهر جي خلاف اڳڪٿي ڪئي آهي. جيئن تہ اها ڳالهہ اوهان پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌي آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 26:11
13 Iomraidhean Croise  

هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.


تڏهن اميرن ۽ سڀني ماڻهن ڪاهنن ۽ نبين کي چيو، تہ هيءُ ماڻهو موت جي سزا جو لائق ناهي؛ ڇالاءِ جو هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.


تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.


هاڻي ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هو موت جي لائق آهي.


هنن جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن هيءُ ماڻهو بدڪار نہ هجي ها، تہ اسين جيڪر تنهنجي حوالي ئي ڪين ڪريونس ها.


يهودين جواب ڏنس تہ اسان جي شريعت آهي، ۽ اُنهيءَ شريعت موجب هو موت جي لائق آهي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا جو فرزند بنايو آهي.


ايستائين هو سندس ٻُڌندا رهيا، پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ههڙي ماڻهوءَ کي زمين تان چٽ ڪري ڇڏيو، جو سندس جيئرو رهڻ ئي واجب نہ آهي.


پر جيڪو نبي گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون هن کي حڪم نہ ڏنو هوندو، يا جيڪو ٻين معبودن جي نالي ڪي چوندو، تہ اهو نبي ضرور ماريو ويندو.


تڏهن شهر جي ماڻهن يوآس کي چيو تہ پنهنجي پٽ کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ ماريو وڃي: ڇالاءِ جو هن بعل جي قربانگاهہ ڀڳي آهي، ۽ انهي جي پاسي واري يسيرت کي بہ وڍيو اٿس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan