Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 26:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جڏهن يهوداہ جي اميرن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اُهي بادشاهہ جي گهر مان هلي خداوند جي گهر ۾ آيا؛ ۽ خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ ۾ ويهي رهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن بادشاهہ جي عملدارن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اهي شاهي محل کان خداوند جي گھر اچي پهتا ۽ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ منهنجي فيصلي ڪرڻ لاءِ ويهي رهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 26:10
15 Iomraidhean Croise  

انهيءَ هوندي بہ هن مٿانهيون جايون نہ ڊاهيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا. هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو.


هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو، ۽ عوفل جي ڀت تي گهڻو ئي اڏايائين.


تڏهن فشحور يرمياہ نبيءَ کي مار ڏني ۽ کڻي انهي ڪاٺ ۾ وڌو، جو بنيمين جي مٿئين دروازي وٽ خداوند جي گهر ۾ هو.


۽ جڏهن يهويقيم بادشاهہ پنهنجن سڀني بهادرن ۽ اميرن سميت هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جي خواهش ڪئي؛ پر جڏهن اورياہ اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو ڊنو ۽ مصر ۾ ڀڄي ويو:


پر اخيقام بن سافن جو هٿ يرمياہ سان هو، انهي لاءِ تہ هو هن کي قتل ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪن.


۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:


يعني يهوداہ جي اميرن کي، ۽ يروشلم جي اميرن کي، ناظرن، ۽ ڪاهنن، ۽ انهي ملڪ جي ٻين سڀني ماڻهن کي، جي گابي جي ٻن ڀاڱن جي وچان لنگهيا:


تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون.


تنهن هوندي بہ الناتن، ۽ دلاياہ، ۽ جمرياہ بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهي نہ ساڙ؛ پر هن انهن جي نہ ٻڌي.


هنن جا سردار سندن وچ ۾ انهن بگهڙن وانگر آهن، جي شڪار ڦاڙيندا آهن، انهي لاءِ تہ رت وهائين ۽ ماڻهن کي ناس ڪن، ۽ انهي طرح ڪپت سان فائدو حاصل ڪن.


ڏس، اسرائيل جا سردار، پنهنجي پنهنجي طاقت آهر رت وهائڻ لاءِ تو ۾ آيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan