Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 24:8 - Sindhi Bible

8 ۽ جيئن اُهي خراب هئڻ ڪري کائڻ جي لائق ناهن: تيئن، خداوند ٿو فرمائي تہ يقيناً، آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس اميرن کي ۽ يروشلم جا باقي ماڻهو جي انهيءَ زمين ۾ رهيل آهن تن کي، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ ڇڏي ڏيندس:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 پر يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ، سندس عملدار ۽ يروشلم ۾ باقي بچي ويل ماڻهو، پوءِ اهي هن ئي ملڪ ۾ يا مصر ۾ رهندا هجن، تن کي آءٌ خداوند انهن خراب انجيرن وانگر ٿو سمجھان، جيڪي کائڻ جي لائق ناهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 24:8
18 Iomraidhean Croise  

۽ يوسياہ جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوحنان، ٻيو يهويقيم، ٽيون صدقياہ، چوٿون سلوم.


تڏهن آءٌ فرات ڏي ويس ۽ جتي اهو ڪمربند لڪايو هوم اُتان کوٽي ڪڍيم: ۽ ڏسان تہ ڪمربند اهڙو خراب ٿي پيو هو جو ڪنهن بہ ڪم جو ڪين هو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.


هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ عمدا انجير هئا، انهن انجيرن جهڙا جي پهرين پچندا آهن: ۽ ٻيءَ ٽوڪريءَ ۾ خراب انجير هئا، جي اهڙا خراب هئا جو کائڻ جي لائق ئي نہ هئا.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن چڱن انجيرن وانگي آءٌ يهوداہ جي انهن قيدين کي سمجهندس جن کي مون هن هنڌان ڪڍي سندن چڱائي لاءِ ڪسدين جي ملڪ ڏي موڪليو آهي.


هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ هن کي ماڻهو موڪلي گهرائي ورتو: ۽ بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ ڳجهيءَ طرح هن کان پڇيو تہ خداوند وٽان ڪو ڪلام آيو آهي يا نہ؟ ۽ يرمياہ چيو تہ آيو آهي، هن هيترو بہ چيو تہ تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ سڀني ماڻهن کي خداوند، سندن خدا جون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو، جن سان خداوند سندن خدا هنن کي وٽن موڪليو هو، يعني اُهي سڀ ڳالهيون،


اهو ڪلام جو مصر جي ملڪ ۾ رهندڙن، ۽ مجدال ۾، ۽ تحفنحيس ۾، ۽ نوف ۾، ۽ فتروس جي ملڪ ۾ رهندڙن يهودين جي نسبت ۾، يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan