Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 24:5 - Sindhi Bible

5 خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن چڱن انجيرن وانگي آءٌ يهوداہ جي انهن قيدين کي سمجهندس جن کي مون هن هنڌان ڪڍي سندن چڱائي لاءِ ڪسدين جي ملڪ ڏي موڪليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 ”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا يهوداہ جي انهن جلاوطن ٿيل ماڻهن کي هنن چڱن انجيرن وانگر سمجھان ٿو، جن کي مون هن هنڌان ڪڍي بابل ڏانهن موڪليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 24:5
21 Iomraidhean Croise  

مون تي مصيبتون آيون تنهن کان اڳي آءٌ گمراهہ هوس؛ پر هاڻي تنهنجي ڪلام تي عمل ٿو ڪريان.


چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا؛ تہ آءٌ تنهنجا قانون سکان.


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


تنهن ڪري اوهين جي آهيو، ۽ سڀ قيدي جن کي مون يروشلم مان بابل ڏي موڪلي ڇڏيو آهي، خداوند جو ڪلام ٻڌو.


تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ جيڪي قيدي مون يروشلم مان بابل ڏي قيد ڪرائي موڪلي ڏنا آهن، تن سڀني کي چئو تہ:


تنهنڪري تون چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي قومن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ جن جن ملڪن ۾ اوهين پکيڙيا ويا آهيو، تن مان ڪڍي گڏ ڪندس، ۽ اسرائيل جي زمين اوهان کي ڏيندس.


انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي قاعدن تي هلن ۽ منهنجي قانون جي سنڀال ڪري تعميل ڪن: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس.


انهي هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي آءٌ انهن کان نفرت ڪندس، نڪي کين بلڪل برباد ڪندس، ۽ نڪي انهن سان ڪيل پنهنجو عهد ڀڃندس: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان:


خداوند چڱو آهي ۽ مصيبت جي ڏينهن هڪڙو مضبوط قلعو آهي؛ ۽ جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن کي هو سڃاڻي ٿو.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ آئون اوهان کي سڃاڻان ئي ڪين.


منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا سان محبت ٿو رکي، تہ خدا هن کي سڃاڻي ٿو.


يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟


جنهن توکي بيابان ۾ اهڙي من کارائي، جنهن جي تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانہ هئي؛ انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ نيٺ تنهنجو ڀلو ڪري:


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan