Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 24:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن خداوند مون کي چيو اي يرمياہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ مون چيو تہ انجير؛ چڱا انجير تمام عمدا آهن؛ ۽ خراب تمام خراب آهن، اهڙا جو کائڻ جي لائق ئي نہ آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”انجير. چڱا انجير تمام سٺا آهن، پر خراب انجير اهڙا تہ خراب آهن، جو کائڻ جي لائق ئي ناهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 24:3
10 Iomraidhean Croise  

۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن تي ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض موڪليندس، ۽ انهن کي گندن انجيرن جهڙو ڪندس، جي اهڙا خراب آهن جي کائي نٿا سگهن.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:


هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس.


۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏيئي چيو تہ مون ڏٺو آهي ۽ ڏس تہ هڪڙو سونو شمعدان، جنهن جو پيالو سندس مٿان آهي ۽ ست ڏيئا انهيءَ ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي مٿان هر ڪنهن ڏيئي لاءِ ست نليون آهن.


۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏني، تہ آءٌ هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي ٿو ڏسان؛ جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏهہ هٿ آهي.


(اڳئين زماني ۾ اسرائيل منجهہ، جڏهن ڪو ماڻهو خدا کان ڪي پڇڻ ويندو هو تڏهن چوندو هو تہ اچو تہ غيب دان وٽ هلون: ڇالاءِ جو جنهن کي هاڻي نبي ٿا سڏين، تنهن کي اڳي غيب دان سڏيندا هئا.)


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan