Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 23:3 - Sindhi Bible

3 ۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 جن جن ملڪن ڏانهن مون پنهنجيءَ قوم کي هڪالي ڪڍيو آهي، تن مان باقي بچيلن کي آءٌ ئي گڏ ڪري سندن وطن ڏانهن موٽائي آڻيندس. اتي هو گھڻا ٻار ڄڻيندا ۽ تعداد ۾ وڌي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 23:3
28 Iomraidhean Croise  

اي خداوند اسان جا خدا اسان کي بچاءِ، ۽ ڌارين قومن مان اسان کي ڪڍي گڏ ڪر. تہ اسين تنهنجي پاڪ نالي جي شڪرگذاري، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فخر ڪريون.


پر هيئن چوڻ ۾ ايندو تہ انهيءَ جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي اُتر واري زمين مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ هن انهن کي هڪالي موڪليو هو انهن مان، کين ڪڍي آندو: ۽ آءٌ انهن کي وري بہ سندن انهي ملڪ ۾ آڻيندس جو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل ۽ يهوداہ جو قيد وري ڦيرائي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي موٽائي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي لاءِ خوشيءَ سان ڳايو، ۽ قومن جي سردار لاءِ نعرا هڻو: اوهين پڌرائي ڪريو، اوهين تعريف ڪريو ۽ چئو تہ اي خداوند، پنهنجي قوم اسرائيل جي باقي بچيلن کي بچاءِ.


ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا.


ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس:


پر اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊڄ نہ، اي اسرائيل، خوف نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي ڏورانهين ملڪ کان بچائيندس ۽ تنهنجي نسل کي سندن قيد جي ملڪ کان: ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ ماٺ ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ نہ ڊيڄاريندس.


۽ آءٌ اسرائيل کي وري سندس چراگاهہ ۾ وٺي ايندس، ۽ هو ڪرمل، ۽ بسن ۾ چرندو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تي ۽ جلعاد ۾ انهي جو روح راضي ٿيندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.


تنهنڪري تون چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي قومن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ جن جن ملڪن ۾ اوهين پکيڙيا ويا آهيو، تن مان ڪڍي گڏ ڪندس، ۽ اسرائيل جي زمين اوهان کي ڏيندس.


۽ آءٌ اوهان جا ماڻهو ۽ جانور وڌائيندس، ۽ هو وڌندا، ۽ ڦر وارا ٿيندا: ۽ آءٌ اوهان کي اڳين وانگر وسائيندس ۽ جيڪي شروعات ۾ اوهان جي لاءِ ڪيو هوم تنهن کان بهتر ڪندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍندس، ۽ سڀني ملڪن مان گڏ ڪندس، ۽ اوهان کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻيندس.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهن کان سواءِ اسرائيل جي گهراڻي وارا مون کي عرض ڪندا تہ آءٌ سندن لاءِ ائين ڪريان؛ آءٌ هنن کي ماڻهن سان ڌڻ وانگر وڌائيندس.


۽ آءٌ اوهان تي مهر جي نظر ڪندس، ۽ اوهان کي ڦلدار ڪندس، ۽ اوهان کي وڌائيندس؛ ۽ اوهان سان پنهنجو عهد قائم ڪندس.


اي يعقوب، آءٌ ضرور اوهان سڀني کي ميڙيندس؛ آءٌ ضرور اسرائيل جي باقي رهيلن کي گڏ ڪندس؛ آءٌ بصراہ جي رڍن وانگي هنن کي ميڙي گڏ ڪندس: ۽ جيئن ڌڻ پنهنجي چراگاهہ جي وچ ۾، تيئن هو شمار ٿي وڏو هُل ڪندا.


انهي ڏينهن هو اسور مان ۽ مصر جي شهر مان، بلڪ مصر کان وٺي نديءَ تائين؛ سمنڊ کان سمنڊ تائين، ۽ جبل کان جبل تائين نڪري تو وٽ ايندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan