Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 23:1 - Sindhi Bible

1 خداوند ٿو فرمائي تہ افسوس انهن تي جي منهنجي چراگاهہ جي رڍن کي ماري ڇڙ وڇڙ ڪري ٿا ڇڏين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1-2 خداوند، بني اسرائيل جو خدا پنهنجي قوم جي اڳواڻن، جيڪي ڌڻ جي ڌڻيءَ مثل آهن تن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي انهن اڳواڻن لاءِ! جيڪي منهنجي قوم کي تباهہ ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڌڪي ٿا ڪڍن ۽ انهن جي سار سنڀال نہ ٿا لهن. ائين هو جيڪا بڇڙائي ڪن ٿا، تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 23:1
30 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو ڌنار حيوان ٿي پيا آهن، ۽ خداوند کان پڇا نہ ڪئي اٿن: تنهن ڪري هو ڪامياب نہ ٿيا آهن، ۽ انهن جا ڌڻ سڀ ٽڙي پکڙي ويا آهن.


گهڻن ڌنارن منهنجي ڊاک جو منهہ ناس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو حصو هنن پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي، منهنجي خوبصورت حصي کي هنن سڃو پٽ ڪري ڇڏيو آهي:


پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي.


جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛


ڪاهنن ايترو بہ ڪين چيو تہ خداوند ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪي شريعت سان واهپي رکڻ وارا آهن، تن مون کي نہ سڃاتو: حاڪمن بہ منهنجي حڪم عدولي ڪئي، ۽ نبين بہ بعل جي نالي نبوت ڪئي ۽ اجاين شين جي پٺيان هليا.


واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين.


تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس.


منهنجي قوم رلي ويل رڍن وانگي ٿي پئي آهي: انهن جي ڌنارن انهن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، هنن انهن کي جبلن تي هڪالي ڇڏيو آهي: اهي جبل کان ٽڪريءَ ڏي ويا آهن، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ وساري ڇڏي اٿن.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن جي بي عقل نبين جي حال تي افسوس آهي، جي پنهنجي روح جي پيروي ٿا ڪن، ۽ ڏٺو ڪي بہ ڪين اٿن!


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


ڇالاءِ جو اوهين پنهنجي پاسي ۽ پنهنجي ڪلهي سان ڌڪيو ٿا، ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجن سڱن سان ٿيلها ٿا ڏيو، ۽ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيو اٿوَ؛


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين جي منهنجون رڍون، يعني منهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيو، سي انسان آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا آهيان.


جيئن قربانيءَ جي لاءِ مقرر ڪيل عيدن تي ڌڻ ٿيندو آهي: تيئن ويران شهر ماڻهن جي ڌڻ سان ڀرجي ويندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


منهنجي ڪاوڙ ريڍارن تي اُٿي آهي، ۽ آءٌ ٻڪرن کي سزا ڏيندس: تہ بہ لشڪرن جي خدا پنهنجي ڌڻ، يعني بني اسرائيل تي نگاهہ ڪئي آهي، ۽ انهن کي جنگ ۾ پنهنجي خوبصورت گهوڙي وانگر ڪندو.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا.


چور رڳو اُنهيءَ مراد سان ٿو اچي تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري: آئون انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ اُنهن کي زندگي ملي، بلڪ ججهي ملينِ.


جيڪو مزور آهي ۽ نہ ريڍار، جو رڍن جو ڌڻي نہ آهي، سو بگهڙ کي ايندو ڏسي رڍن کي ڇڏي ڀڄي ٿو وڃي ۽ بگهڙ اُنهن کي جهلي ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏين.


سڀ جيڪي مون کان اڳي آيا، سي چور ۽ ڌاڙيل آهن: پر رڍن اُنهن جي نہ ٻُڌي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan