Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 22:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن هو ورندي ڏيندا تہ ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد اقرار ڇڏي ڏنو ۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 پاڻ ئي وري جواب ڏيندا تہ ’انهيءَ ڪري جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد وساري ڇڏيو آهي ۽ غير معبودن جي پوڄا ڪندي کين سجدو ڪيو اٿائون.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 22:9
16 Iomraidhean Croise  

۽ جيتوڻيڪ هيءُ گهر تمام مٿانهون آهي، تہ بہ جيڪو اُنهيءَ وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ شوڪارا ڀريندو؛ ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟


ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿن جي ٺاهيل شين سان مون کي چيڙائي ڪاوڙ ڏيارين؛ تنهنڪري منهنجي ڪاوڙ انهيءَ هنڌ تي ڀڙڪندي ۽ اُها جهَڪي نہ ٿيندي.


ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪم هنن پنهنجن هٿن سان ڪيا آهن، تن سان مون کي ڪاوڙ ڏيارين، تنهنڪري منهنجي ڪاوڙ هن هنڌ تي پلٽي آهي، ۽ اها ڪين اُجهامندي.


هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.


۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جو هن عهد اقرار جون ڳالهيون نٿو ٻڌي.


تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ جو سبب هي آهي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان ويا آهن، ۽ انهن جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهن کي سجدو ڪيو اٿن، ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿن. ۽ منهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿن؛


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ ڇالاءِ جيڪا شريعت مون هنن جي اڳيان رکي سا هنن ڇڏي ڏني آهي، ۽ منهنجو فرمان نہ مڃيو اٿن، ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن هنن کي سيکاريو انهيءَ تي نہ هليا آهن،


پر آءٌ هنن مان ڪن ٿورن کي ترار کان، ۽ ڏڪار کان، ۽ مرض کان بچائيندس؛ انهي لاءِ تہ جن جن قومن ۾ اچن، انهن کي پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ اُهي اوهان کي تڏهن تسلي ڏيندا جڏهن اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين ڄاڻندا تہ جيڪي انهي ۾ مون ڪيو آهي سو سبب کان سواءِ نہ ڪيو اٿم.


۽ قومون ڄاڻنديون تہ اسرائيل جو گهراڻو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب قيد ٿي ويو؛ ڇالاءِ جو هنن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ مون هنن کان پنهنجو منهن لڪايو: انهي طرح مون هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ اُهي سڀيئي ترار سان مارجي ويا.


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون، تہ خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏيءَ وڏيءَ ڪاوڙ جو سبب ڪهڙو آهي؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan