۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، تون جو دائود جي تخت تي ويٺو آهين، ۽ تنهنجا نوڪر ۽ تنهنجا ماڻهو، جي هنن دروازن کان اندر لنگهي اچن ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.
خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اهو انهي کي باهہ سان ساڙيندو:
اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو: