يرمياہ 21:9 - Sindhi Bible9 جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي. Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible9 جيڪو بہ هن شهر ۾ رهندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو. پر جيڪو اتان نڪري اوهان کي گھيرو ڪري ويٺل بابلين آڏو وڃي پيش پوندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي. Faic an caibideil |
۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.