Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 21:4 - Sindhi Bible

4 خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 ”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 21:4
23 Iomraidhean Croise  

هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


جبلن ۾ هڪڙي جماعت جو آواز آهي جو هڪڙي وڏي قوم جي گوڙ جهڙو آهي! گڏ ٿيلن قومن جي بادشاهتن جي جنگ جو آواز! لشڪرن جو خداوند جنگ جي لاءِ لشڪر گڏ ڪري ٿو.


۽ هاڻي ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ آءٌ پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ڇا ڪندس: آءٌ انهي جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو کاڄي ويندو؛ آءٌ انهي جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس ۽ اهو لتاڙجي ويندو:


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.


تڏهن يرمياہ هنن کي چيو، تہ اوهين صدقياہ کي چئجو تہ:


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛


۽ اهو صدقياہ کي بابل ڏي وٺي ويندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو اُتي هوندو جيسين ڪ آءٌ هن جي خبر لهان: جيتوڻيڪ اوهين ڪسدين سان وڙهندا تہ بہ اوهين فتحياب نہ ٿيندا؟


هو ڪسدين سان وڙهڻ لاءِ آيا آهن پر فقط پاڻ پنهنجن ماڻهن جي لاشن سان ڀرجي ويندا، جن کي مون پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ ماريو آهي، ۽ جن جي سموري شرارت ڪري مون هن شهر کان پنهنجو منهن لڪايو آهي.


تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.


بابل جي بادشاهہ جا سڀ امير اندر لنگهي آيا ۽ وچين دروازي ۾ ويهي رهيا، يعني نير گل سراضر سمگرنبو، سرسڪيم، رب سريس، نيرگل سراضر، رب مجہ، ۽ ٻيا سڀ بابل جي بادشاهہ جا باقي امير.


ديڳيون، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ڦلن وڍڻ جون قينچيون، ۽ پيالا، ۽ چمچا، ۽ سڀ پتل جا ٿانوَ جن سان خدمت ڪندا هئا سي سڀ بہ هو کڻي ويا.


هن سخت ڪاوڙ ۾ اسرائيل جو سڀ ڪو سڱ وڍي ڦٽو ڪيو آهي؛ هن پنهنجو ساڄو هٿ دشمن تان پٺ تي ڪڍي ورتو آهي: ۽ هن يعقوب کي انهيءَ باهہ جي مچ وانگر ساڙيو آهي، جو چوڌاري ساڙي چٽ ڪندو آهي.


خداوند دشمن وانگر ٿي بيٺو آهي، هن اسرائيل کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ هو ان جون سڀ محلاتون ڳهي ويو آهي، هن اُن جا سڀ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن: ۽ هن يهوداہ جي ڌيءَ لاءِ ماتم ۽ زاري وڌائي آهي.


خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي.


۽ آءٌ ڌڪ هڻي تنهنجي ڏائي هٿ مان ڪمان ڪيرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي ساڄي هٿ مان تير ڪيرائي ڇڏيندس.


جيتوڻيڪ هو پنهنجا ٻار پالي وڏا ڪندا، تہ بہ آءٌ اُهي ماري ڇڏيندس، تہ ڪوبہ ماڻهو نہ بچي: جڏهن آءٌ هنن وٽان ويندس تڏهن بہ هنن جي لاءِ ويل ٿيندو.


ڇالاءِ جو آءٌ سڀني قومن کي گڏ ڪندس، تہ يروشلم جي برخلاف جنگ ڪن: ۽ شهر قبضي ڪيو ويندو، ۽ گهر لُٽيا ويندا، ۽ زالن جي بي عزتي ٿيندي: ۽ اڌ شهر قيد ٿي ويندو، پر باقي ماڻهو شهر مان نہ ڪڍيا ويندا.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan