Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 21:10 - Sindhi Bible

10 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ هن شهر کي فائدي جي بدران نقصان رسايان. هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 21:10
26 Iomraidhean Croise  

۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون.


خداوند جو منهن بدڪارن جي برخلاف آهي، تہ انهن جي يادگيري زمين تان مٽائي ڇڏي.


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس.


هو ڪسدين سان وڙهڻ لاءِ آيا آهن پر فقط پاڻ پنهنجن ماڻهن جي لاشن سان ڀرجي ويندا، جن کي مون پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ ماريو آهي، ۽ جن جي سموري شرارت ڪري مون هن شهر کان پنهنجو منهن لڪايو آهي.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اهو انهي کي باهہ سان ساڙيندو:


ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ حڪم ڏئي هنن کي هن شهر ڏي آڻيندس؛ ۽ اُهي انهي سان وڙهندا، ۽ انهي کي وٺندا، ۽ باهہ سان ساڙيندا: ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ منجهن رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ خداوند، لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري ويندين تہ پوءِ تنهنجي جان بچندي، ۽ هي شهر باهہ سان ساڙيو نہ ويندو؛ ۽ تون جيئرو رهندين ۽ تنهنجو گهراڻو بہ:


پر جي تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري نہ ويندين، تہ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اُهي هن کي باهہ سان ساڙيندا ۽ تون انهن جي هٿان ڀڄي نہ نڪرندين.


پوءِ تنهنجون هو سڀ زالون ۽ تنهنجا ٻار ڪسدين وٽ وٺي ايندا: ۽ تون هنن جي هٿان بچي نہ نڪرندين پر بابل جي بادشاهہ جي هٿ چڙهندين، ۽ تون هن شهر کي باهہ سان ساڙائيندين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ۽ اُهو هن کي وٺندو.


وڃي عبد ملڪ ڪوشيءَ کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجون ڳالهيون هن شهر تي خرابيءَ جي لاءِ آڻيندس، نہ چڱائي جي لاءِ؛ ۽ اُهي انهي ڏينهن تنهنجي اڳيان پوريون ٿينديون.


۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ بڇڙائيءَ جي لاءِ پنهنجو منهن اوهان جي برخلاف ڪندس، انهي لاءِ تہ يهوداہ کي وڍي ڇڏيان.


ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


آءٌ پنهنجو منهن اُنهن جي برخلاف ڪندس؛ هو باهہ ڏانهن ويندا، ۽ باهہ هنن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندين؛ ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو منهن انهن جي برخلاف ڪندس.


پوءِ انهي کي خالي ڪري ٽانڊن تي رکي ڇڏيو تہ اُها گرم رهي، ۽ ان جو پتل سڙي، ۽ ان جي گندگي ان ۾ پگهري وڃي، ۽ ڪٽ سڙي کپي وڃي.


۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.


۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.


پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


۽ جيتوڻيڪ هو قيد ٿي پنهنجي دشمن جي اڳيان ويندا، تہ بہ اُتي آءٌ ترار کي حڪم ڪندس تہ هنن کي ڪُهي ڇڏي: ۽ آءٌ هنن تي بڇڙائي لاءِ نگاهہ ڪندس ۽ نہ چڱائيءَ لاءِ.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan