Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 21:1 - Sindhi Bible

1 اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ وٽ انهي وقت آيو جڏهن صدقياہ بادشاهہ هن ڏي فشحور بن ملڪياہ، ۽ صفنياہ بن مسعياہ ڪاهن جي هٿان چوائي موڪليو، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 فشحور ولد ملڪياہ ۽ صفنياہ ولد مسعياہ ڪاهن جي هٿان يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ مون يرمياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 21:1
20 Iomraidhean Croise  

اوهين وڃي منهنجي، ۽ ماڻهن جي، ۽ ساري يهوداہ جي طرفان خداوند کان انهيءَ لڌل ڪتاب جي ڪلام بابت پڇو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي تمام ڏاڍي ڀڙڪي آهي، هن ڪري جو اسان جي ابن ڏاڏن انهيءَ ڪتاب جي ڪلام کي نہ مڃيو آهي ۽ اسان بابت جيڪي انهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي پوري تعميل نہ ڪئي اٿن.


۽ يوسياہ جا پٽ؛ پهريون ڄاول يوحنان، ٻيو يهويقيم، ٽيون صدقياہ، چوٿون سلوم.


۽ عداياہ بن يروحام، بن فشحور، بن ملڪياہ، ۽ معسي، بن عديئيل، بن يحزيراہ، بن مسلام، بن مسلميت، بن امير؛


تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


۽ انهن جا ڀائر، جي هيڪل جو ڪم ڪار ڪندا هئا، سي اٺ سؤ ٻاويهہ هئا: ۽ عداياہ بن يروحام، بن فللياہ، بن امضي، بن زڪرياہ، بن فشحور، بن ملڪياہ.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو پنهنجي نالي سان يروشلم جي سڀني ماڻهن ڏي ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن، ۽ سڀني ڪاهنن ڏي خط موڪليا آهن، جنهن ۾ چيو اٿيئي، تہ


۽ صفنياہ ڪاهن اهو خط يرمياہ کي پڙهي ٻڌايو.


۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:


۽ صدقياہ بن يوسياہ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر يهوداہ جي ملڪ تي بادشاهہ ڪيو هو، تہ ڪونياہ بن يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪري؛


تڏهن صدقياہ بادشاهہ هن کي ماڻهو موڪلي گهرائي ورتو: ۽ بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ ڳجهيءَ طرح هن کان پڇيو تہ خداوند وٽان ڪو ڪلام آيو آهي يا نہ؟ ۽ يرمياہ چيو تہ آيو آهي، هن هيترو بہ چيو تہ تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.


۽ صدقياہ بادشاهہ، يهوڪل بن سلمياہ، ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن کي، يرمياہ نبيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گهر.


خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين يهوداہ جي بادشاهہ کي هيئن چئجو، جنهن اوهان کي پڇا ڪرڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي؛ تہ ڏس، فرعون جو لشڪر جو توکي مدد ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏي ويندو.


۽ سفطياہ بن متان، ۽ جدلياہ بن فشحور، ۽ يوڪل بن سلمياہ، ۽ فشحور بن ملڪياہ، اُهي ڳالهيون ٻڌيون جي يرمياہ سڀني ماڻهن کي ٻڌايون، ۽ چيائين تہ


تڏهن صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي يرمياہ نبيءَ کي خداوند جي گهر ۾ جيڪو ٽيون لنگهہ آهي. تنهن ۾ پاڻ وٽ گهرايو: ۽ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ آءٌ توکان هڪڙي ڳالهہ پڇندس؛ مون کان ڪي بہ ڪين لڪائج.


۽ پهري وارن جو سردار، سراياہ سردار ڪاهن، ۽ صفنياہ ٻئي درجي واري ڪاهن، ۽ در جي سنڀال ڪرڻ وارن کي بہ وٺي ويو:


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan