Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:9 - Sindhi Bible

9 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ آءٌ اوهان سان، ۽ اوهان جي ٻارن جي ٻارن سان مقابلو ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 ”تنهنڪري آءٌ خداوند پنهنجي قوم جي خلاف مقدمو اٿلائيندس، هائو، آءٌ وري سندن اولاد جي خلاف مقدمو هلائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:9
12 Iomraidhean Croise  

هو پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ، مٿئين آسمان کي ۽ زمين کي سڏيندو:


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


خداوند قومن جي پاران حجت دليل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ بيهي ٿو.


مون کي ياد ڏيار؛ اچو تہ پاڻ ۾ بحث ڪريون: تون پنهنجو مقدمو بيان ڪر تہ تون سچو ثابت ٿين.


ڇالاءِ اوهين مون سان حجت دليل ڪرڻ ٿا گهرو؟ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان سڀني منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.


انهيءَ هوندي بہ تو چيو تہ آءٌ بيگناهہ آهيان؛ يقيناً هن جي ڪاوڙ مون تان لهي وئي آهي. ڏس، آءٌ توتي فتويٰ ڏيندس، ڇالاءِ جو تون چوين ٿي تہ مون گناهہ ڪونہ ڪيو آهي.


ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هن پنهنجي ڀاءُ کي کڙيءَ کان ورتو؛ ۽ جڏهن هو وڏو ٿيو تڏهن خدا سان زور آزمايائين:


اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان، ۽ انهي جي گهراڻي کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي، ۽ جيڪي انهي سان گڏجي زنا ڪندا، ۽ مولڪ جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندا، تن سڀني کي سندن قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.


اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan