Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:7 - Sindhi Bible

7 ۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:7
28 Iomraidhean Croise  

۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خدا هن کي برڪت وارو ڪندو، ۽ چوندو تہ مصر منهنجي اُمت آهي، ۽ اسور منهنجن هٿن جو ڪم آهي، ۽ اسرائيل منهنجي ميراث آهي.


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ اُن جي زناڪاريءَ جي هلڪائيءَ ڪري زمين پليت ٿي، ۽ هن پٿرن ۽ بنڊن سان زنا ڪئي:


۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:


ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب هئا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي رڳو ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


ڇالاءِ جو هنن منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، پر منهنجا قانون رد ڪري ڇڏيائون، ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ۽ هنن جون اکيون سندن ابن ڏاڏن جي بُتن پٺيان هيون.


ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.


تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تون پنهنجي شهوت پرستي ۽ پنهنجون زناڪاريون بہ پاڻ کڻ.


اي آدمزاد، جڏهن اسرائيل جي گهراڻي وارا پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجين راهن ۽ پنهنجن ڪمن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو: هنن جي راهہ منهنجي اڳيان اهڙي ناپاڪ هئي جهڙي حيض واري زال جي ناپاڪي.


هو خداوند جي ملڪ ۾ نہ رهندا، پر افرائيم موٽي مصر ۾ ويندو، ۽ هو اسور ۾ ناپاڪ کاڌو کائيندا.


اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي.


۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.


تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.


ڇالاءِ جو خداوند جو حصو سندس اُمت آهي؛ يعقوب هن جي ورثي جو ڀاڱو آهي.


۽ اوهين اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهي لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ وڃي، مٿس پنهنجو قبضو ڪريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan