Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:4 - Sindhi Bible

4 اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ قبيلا، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 اي يعقوب جو اولاد! اي بني اسرائيل جا قبيلؤ! اوهين خداوند جو پيغام ٻڌو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:4
14 Iomraidhean Croise  

اي اسرائيل جا گهراڻا، جيڪو ڪلام خداوند اوهان کي ٻڌائي ٿو سو ٻڌو:


اوهين ٻڌو ۽ ڪن ڏيو؛ مغرور نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي.


۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي اهڙي آفت آڻيندس جو جيڪو انهي جو ذڪر ٻڌندو تنهنجا ڪن پيا ٻرندا.


اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ، ۽ سندس فصل جو پهريون ڦر هو: جيڪي انهي کي ڳڙڪائيندا سي ڏوهاري ٺهرائڻ ۾ ايندا؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهن تي مصيبت ايندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اسرائيل جي سڀني قبيلن جو خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.


جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.


انهيءَ هوندي بہ، اي صدقياہ، يهوداہ جا بادشاهہ، خداوند جو ڪلام ٻڌ: تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ترار سان نہ مرندين؛


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


تہ خداوند جي گهر جي در وٽ بيهہ ۽ اُتي هي ڪلام پڌرو ڪر، ۽ چئُہ تہ اي يهوداہ جا رهاڪو، اوهين سڀ جي خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن درن اندر لنگهي اچو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


هاڻي جيڪي خداوند ٿو فرمائي سو اوهين ٻڌو: اُٿي جبلن اڳيان حجت دليل ڪر، ۽ ڀلي تہ ٽڪريون تنهنجو آواز ٻڌن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan