Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:21 - Sindhi Bible

21 انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

21 مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو، پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:21
27 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.


اوهين جي هن جي بندي ابراهيم جو نسل، ۽ يعقوب جو اولاد، ۽ سندس چونڊيل آهيو.


تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو.


تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو.


تو انهيءَ جي واسطي جاءِ تيار ڪئي، ۽ انهيءَ جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي ۽ ملڪ کي ڀري ڇڏيائين.


تون انهن کي وٺي ويندين، ۽ پنهنجيءَ ميراث واري جبل تي کين وڻ وانگي لڳائيندين، يعني اها جاءِ، جيڪا اي خداوند، تو پنهنجي رهڻ جي لاءِ تيار ڪئي آهي؛ اها پاڪ ترين جاءِ، جيڪا اي خداوند، تنهنجن هٿن قائم ڪئي آهي.


ايماندار شهر جيڪو انصاف سان ڀريل هو ڪيئن نہ زناڪار ٿي پيو آهي! انهي ۾ سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهي ۾ خوني ٿا رهن.


انهي ڏينهن اوهين ڊاک جي منهہ جي ساراهہ جو گيت ڳائجو.


پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.


منهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻيو وڌيڪ ڇا ڪري سگهجي ها جو مون انهيءَ ۾ نہ ڪيو آهي؟ انهي ڪري جڏهن مون کي اميد هئي تہ انگور پيدا ڪري تڏهن انهي جهنگلي انگور پيدا ڪيو؟


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


خداوند توکي سهڻن ميون سان سينگاريل سائي زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو: هڪڙي وڏي غلغلي جي آواز سان هن اُنهن تي باهہ ٻاري آهي، ۽ انهي جون ٽاريون ڀڄي پيون آهن.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


اوهين هن جي ڀتين تي چڙهي وڃو ۽ چٽ ڪريو؛ پر اصلي تباهہ ڪري نہ ڇڏيوس: هن جون ٽاريون وڍي ڇڏيو: ڇالاءِ جو اُهي خداوند جون ناهن.


سون ڪيئن نہ جهڪو ٿي ويو آهي! تمام خالص سون ڪيئن نہ بدلجي ويو آهي! پاڪ مڪان جا پٿر سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي اُڇليا ويا آهن.


اي آدمزاد، ڊاک جو وڻ، يعني ڊاک جي ٽاري جا ٻيلي جي هڪڙي وڻ ۾ آهي، ٻئي وڻ کان ڇا ۾ بهتر آهي؟


ٻيو مثال ٻڌو: هڪڙو گهر جو مالڪ هو، تنهن هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو. ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ منجهس هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


۽ هو وري اُنهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. ۽ چيائين تہ ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


پوءِ هو ماڻهن کي هي مثال ڏيڻ لڳو، تہ هڪڙي ماڻهوءَ ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏنائين، ۽ پاڻ ڳچ وقت تائين ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي.


ڇالاءِ جو انهن جي ڊاک صدوم جي منهہ، ۽ عمورہ جي ٻنين جهڙي آهي: انهن جا انگور پت سان ڀريل آهن، ۽ انهن جا ڇڳا ڪوڙا آهن.


۽ جيئن تہ هن کي تنهنجن ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو، ۽ تنهنجو ساڻي ٿي، پنهنجيءَ وڏيءَ قدرت سان توکي مصر مان ڪڍي آندائين؛


۽ اسرائيل يشوع جي سڀني ڏينهن ۾، ۽ يشوع کان پوءِ بہ جيڪي بزرگ جيئرا رهيا تن جي ڏينهن ۾، خداوند جي عبادت ڪندا آيا، ۽ جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا سي اُهي بزرگ ڄاڻندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan