Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:2 - Sindhi Bible

2 وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 ”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بي‌انتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻ‌پٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:2
39 Iomraidhean Croise  

هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن؛


اهو وڏو معجزو، جو خداوند مصرين تي ڪيو، سو اسرائيل ڏٺو ۽ ماڻهو خداوند کان ڊنا؛ ۽ هنن خداوند تي، ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ايمان آندو.


۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.


ڏاهپ سڙڪ تي وڏي سڏ رڙيون ڪري ٿي؛ هوءَ ڪشادين جاين تي پڪاري ٿي؛


اي صيون جون ڌيئون، اوهين ٻاهر وڃي بادشاهہ سليمان ڏسو، جنهن کي اُهو ڇٽ پيو آهي جو سندس مڱڻيءَ جي ڏينهن، ۽ سندس دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، ماڻس ڍڪايو هو.


اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟


وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اهي سڀ ڳالهيون يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ انهن جي تعميل ڪريو.


۽ بن هنوم جي وادي، جا ڪنڀارن جي دروازي جي لنگهہ وٽ آهي، تنهن ڏي نڪري وڃ، ۽ اُتي جيڪي ڳالهيون آءٌ توسان ڪريان سي تون پڌريون ڪر:


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


انهن نہ چيو تہ اهو خداوند ڪٿي آهي جنهن اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛ جنهن بيابان مان، رڻ پٽن ۽ کڏن جي ملڪ مان، خشڪيءَ ۽ موت جي پاڇي جي ملڪ مان، اهڙي زمين جنهن مان ڪوبہ ڪونہ ٿي لنگهيو ۽ جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو، تنهن مان اسان کي سونهون ٿي وٺي هليو.


هن وقت کان وٺي اڳتي تون پڪاري مون کي نہ چوندينءَ ڇا تہ اي منهنجا پيءُ تون منهنجي جوانيءَ جو رهبر آهين؟


تہ خداوند جي گهر جي در وٽ بيهہ ۽ اُتي هي ڪلام پڌرو ڪر، ۽ چئُہ تہ اي يهوداہ جا رهاڪو، اوهين سڀ جي خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن درن اندر لنگهي اچو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.


۽ پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ زناڪارين ۾ تو پنهنجا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، جڏهن تون ننگي ۽ اُگهاڙي هئينءَ ۽ پنهنجي رت ۾ پي ليٽينءَ.


اُنهي هوندي بہ تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪو عهد اقرار مون توسان ڪيو هو سو آءٌ ياد ڪندس. ۽ توسان هميشہ جو عهد اقرار قائم ڪندس.


هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.


انهي هوندي بہ هوءَ ويئي پنهنجون زناڪاريون وڌائيندي، ۽ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ياد ڪندي، جڏهن هوءَ مصر جي زمين ۾ ڪڃريءَ وارو ڪسب ڪندي رهندي هئي.


انهن مصر ۾ زناڪاري جا ڪم ڪيا؛ بلڪ انهن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ زناڪاريءَ جا ڪم ڪيا؛ اُتي هنن جون ڇاتيون مليون ويون، ۽ اُتي هنن جي ڪنوارپڻ جا ڏُڪ نپوڙيا ويا.


هن مصر جي ڏينهن کان وٺي اڃا پنهنجون زناڪاريون نہ ڇڏيون آهن؛ ڇالاءِ جو هو سندس جوانيءَ ۾ ساڻس گڏ سمهيا، ۽ سندس ڪنوارپڻ وارا ڏُڪ نپوڙيا هئائون. ۽ هنن ساڻس خوب زنا ڪئي.


جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.


۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.


ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا.


۽ هوءَ پنهنجي سينڌن جي پٺيان لڳندي، پر انهن کي وڃي پهچي نہ سگهندي؛ ۽ هوءَ انهن کي ڳوليندي، پر انهن کي ڪين لهندي: پوءِ هوءَ چوندي تہ آءٌ موٽي پنهنجي پهرين مڙس وٽ وينديس؛ ڇالاءِ جو تڏهن منهنجي حالت هاڻوڪيءَ کان بهتر هئي.


قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.


مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.


اُٿ، نينوہ جي وڏي شهر ڏي وڃ ۽ انهن جي برخلاف منادي ڪر؛ ڇالاءِ جو هنن جي بڇڙائي منهنجي سامهون آئي آهي.


جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ٻڌي.


۽ اُنهي گوڙ مان هڪڙي کيس چيو، تہ اي اُستاد، منهنجي ڀاءُ کي چئو تہ ورثي مان منهنجو حصو مون کي ورهائي ڏي.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.


هائو، هو اُمت کي پيار ٿو ڪري، هن جا سڀ پاڪ ماڻهو تنهنجي هٿ ۾ آهن: ۽ اهي تنهنجن قدمن وٽ ويٺا؛ هرڪو تنهنجي ڪلام کي قبوليندو.


۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.


اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.


پر تنهنجي برخلاف مون کي ايترو چوڻو آهي، تہ تو پنهنجو پهريون پيار ڇڏي ڏنو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan