Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:16 - Sindhi Bible

16 بني نوف، ۽ بني تحفنيس تنهنجي مٿي جي چوٽي ڀڃي ڇڏي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 هائو، بني نوف ۽ بني تحفنيس بني اسرائيل قوم جي کوپڙي ڏاري وڌي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:16
17 Iomraidhean Croise  

هاڻي ڏس، تنهنجو ڀروسو اهڙيءَ لٺ تي آهي جهڙو ڦٿل ڪانو، يعني مصر تي آهي، جنهن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏيندو تہ اُهو سندس هٿ ۾ چُڀي ويندو: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن، تن جي لاءِ اهڙو ئي آهي.


۽ فرعون نڪوہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هن کي قيد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ هو يروشلم ۾ بادشاهي نہ ڪري: ۽ انهيءَ زمين تي چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن ۽ سون جي هڪ سؤ قنطار جي ڍل ٻڌائين.


ضعن جا شهزادا بيوقوف ٿي پيا آهن، نوف جا شهزادا ٺڳجي ويا آهن؛ جيڪي مصر جا ڪنڊ وارا بنيادي پٿر آهن، تن ان کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.


جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


اهو ڪلام جو مصر جي ملڪ ۾ رهندڙن، ۽ مجدال ۾، ۽ تحفنحيس ۾، ۽ نوف ۾، ۽ فتروس جي ملڪ ۾ رهندڙن يهودين جي نسبت ۾، يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


اوهين مصر ۾ ظاهر ڪريو، ۽ مجدال ۾ پڌرائي ڪريو، ۽ نوف ۽ تحفنحيس ۾ اشتهار ڪريو: اوهين چئو تہ نڪري اچ ۽ پاڻ کي تيار رک؛ ڇالاءِ جو ترار تنهنجي آس پاس کائي ويئي آهي.


اي ڌيءَ، تون جا مصر ۾ رهين ٿي، سا قيد ۾ وڃڻ لاءِ پاڻ کي تيار رک: ڇالاءِ جو نوف ويران ٿيندو، ۽ ساڙيو ويندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو.


جيڪي ڀڳا سي حسبون جي پاڇي هيٺ ڪمزور ٿي بيهن ٿا: ڇالاءِ جو حسبون مان باهہ نڪتي آهي، ۽ سيحون مان شعلو، ۽ انهيءَ موآب جي ڪنڊن، ۽ فساد ڪندڙن جو ڪاپار ڳهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بُت بہ ناس ڪندس، ۽ نوف مان مورتون بہ بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ مصر جي ملڪ جو وري اڳتي ڪوبہ بادشاهہ نہ ٿيندو: ۽ آءٌ مصر جي ملڪ ۾ خوف وجهندس.


۽ آءٌ مصر ۾ هڪڙي باهہ ٻاريندس؛ سين ڏاڍي مصيبت ۾ گرفتار ٿيندو، ۽ نوءِ ڀڄي پوندو: ۽ نوف تي ڏينهن ڏٺي جو دشمن ڪاهي ايندا.


ڇالاءِ جو ڏسو، هو تباهيءَ جي ڊپ کان پري ويا آهن، تڏهن بہ مصر هنن کي گڏ ڪندو، موف هنن کي دفن ڪندو: هنن جي چانديءَ جي مزي جهڙين شين کي ڪانڊيرا وٺي ويندا: هنن جي تنبن ۾ ڪنڊا اُڀرندا.


جد جي بابت هن چيو، تہ جيڪو جد کي وڌائي سو شل مبارڪ هجي: هو شينهڻ وانگر ٿو رهي، ۽ ٻانهن کي، بلڪ مٿي جي چوٽيءَ کي ڦاڙيو ڇڏي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan