12 اي آسمان، خدا ٿو فرمائي تہ انهيءَ ڳالهہ ڪري اوهين عجب ۾ پئو ۽ نهايت ڊپ وارا ٿيو، ۽ تمام پريشان ٿيو.
12 سو اي آسمانؤ! هيبت وچان ڪنبڻ لڳو، عجب کائو ۽ ششدر ٿيو.
اي آسمان ٻڌو، ۽ اي زمين ڪن ڏي، ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي: تہ ٻارن کي مون پالي وڏو ڪيو آهي، پر اهي مون کان باغي ٿيا آهن.
اوهين ترسو ۽ حيران ٿيو؛ خوشيون ڪريو ۽ مست ٿيو: اهي نشي ۾ آهن پر شراب سان نہ، اهي آٿڙن ٿا پر نشي جي ڪري نہ؛
تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي اوهين قومن ۾ پڇا ڪرايو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؛ اسرائيل جي ڪنواريءَ هڪڙو تمام هيبتناڪ ڪم ڪيو آهي.
اي زمين، زمين، زمين، خداوند جو ڪلام ٻڌ،
مون زمين ڏٺي، ۽ اُها ويران ۽ خالي ڏسڻ ۾ آئي؛ ۽ آسمان ڏٺم تہ انهن ۾ روشنائي ڪانہ هئي.
اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.
اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.
هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي.
اي آسمانو ڪن ڏيو، جو آءٌ ڳالهايان ٿو؛ ۽ ڀلي تہ زمين منهنجي وات جون ڳالهيون ٻڌي.