Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو ڪتيم جي ٻيٽن ڏي پار لنگهي وڃي ڏسو، ۽ قيدار ڏي ماڻهو موڪليو ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪريو؛ ۽ ڏسو تہ اهڙي ڪا ڳالهہ ڪڏهن ٿي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 اي منهنجي قوم! اولهہ ۾ قبرص جي ٻيٽن تائين پار وڃي ڏس، اوڀر ۾ قيدار تائين ماڻهو موڪلي جاچ ڪري ڏس، تون جتي بہ ويندينءَ ڪٿي بہ ائين نظر نہ ايندءِ جو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:10
21 Iomraidhean Croise  

اسماعيل جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن: اسماعيل جو وڏو پٽ نبايوت هو، ۽ ٻيا هئا قيدار، ادبئيل، مبسام،


۽ هو ورندي ڏيندا تہ هن ڪري جو هنن خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ٻيا معبود رکي انهن کي سجدو ڏنائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون: تنهنڪري خداوند هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي.


۽ ياوان جا پٽ؛ اليسہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.


هاڻي دائود ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هن پنهنجي پٽ سليمان کي اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو.


بني قهات عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي ايل، چار.


مون تي افسوس جو آءٌ مسڪ ۾ ٿو گذاريان، ۽ قيدار جي تنبن ۾ ٿو رهان.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي تہ هڪ سال اندر، مزورن جي سالن جي موجب، قيدار جي سڀ وڏائي گم ٿي ويندي:


صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي.


۽ هن چيو تہ اي صيدا جي مظلوم ڪنواري ڌيءَ، تون وري اڳتي خوش نہ رهندينءَ: اُٿ، لنگهي ڪتيم ڏي وڃ؛ پر اتي بہ توکي آرام نہ ملندو.


قيدار ۽ حصور جي حڪومتن بابت، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني. خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين اُٿو، قيدار ڏي چڙهي وڃو ۽ اُڀرندي جي ماڻهن کي ڦريو لٽيو.


۽ پنهنجن ڪپڙن مان ڪي ڪڍي تو پنهنجي لاءِ مٿانهان مڪان جوڙيا، ۽ انهن کي جدا جدا رنگن سان سينگاري انهن تي بہ زنا ڪئي: اهڙيون ڳالهيون نہ وري اينديون ۽ نہ وري ائين ٿيندو.


عرب ۽ قيدار جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا؛ رڍن ۽ گهيٽن ۽ ٻڪرين ۾ هو تنهنجا سوداگر هوندا هئا.


تنهنجا ونجهہ هنن بسن جي شاهہ بلوطن مان جوڙيا آهن؛ ۽ تنهنجا ويهڻ جا صندل ڪتيم جي ٻيٽن مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي، انهي ۾ عاج جَڙي ٺاهيا اٿن.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن کان اوهين وڌيڪ فسادي آهيو، ۽ منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، ۽ نہ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿوَ، نڪي پنهنجي آس پاس وارين قومن جي حڪمن تي عمل ڪيو اٿوَ؛


پوءِ هو ڦري ٻيٽن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ گهڻائي وٺندو: پر هڪڙو امير هن جي خواري بند ڪرائيندو؛ هائو، پاڻ اُٽلندو هو اُها خواري اُٿلائي هن تي وجهندو.


ڇالاءِ جو ڪتيم جا جهاز مٿس ڪاهي ايندا؛ تنهنڪري هو غمگين ٿي موٽندو، ۽ پاڪ عهد اقرار تي ڪاوڙ ايندس، ۽ پنهنجي مرضيءَ پٺيان ڪم ڪندو: بلڪ هو موٽندو، ۽ جيڪي اُهو پاڪ عهد اقرار ڇڏي ڏيندا، تن سان سازش ڪندو.


پر ڪتيم جي ڪناري کان جهاز ايندا، ۽ اهي اسور ۽ عبر، ٻنهي کي ڏک ڏيندا: پوءِ هو پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.


ايتري قدر بہ ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوهان ۾ زناڪاري آهي، ۽ زناڪاري بہ اهڙي جا غير قومن ۾ بہ ڪانهي؛ بلڪ اوهان مان هڪڙو تہ پنهنجي پيءُ جي زال ويهاريو ويٺو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جن انهي کي ٿي ڏٺو، تن سڀني ٿي چيو تہ جنهن ڏينهن کان بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اهڙو ڪم نہ ڪيو ويو نہ ڏٺو ويو آهي: ويچار ڪريو ۽ انهيءَ بابت صلاح مشورو ڪريو، ۽ ٻڌايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan