1 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
1 خداوند مون کي فرمايو تہ
تنهن کان سواءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ اي يرمياہ، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ بادام جي هڪڙي وڻ جي ٽاري ٿو ڏسان.
۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.
وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.
خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن نبيءَ ڪو خواب ڏٺو هجي سو ڀلي تہ خواب ٻڌائي؛ ۽ جنهن وٽ منهنجو ڪلام هجي سو ڀلي تہ ايمانداريءَ سان منهنجو ڪلام ٻڌائي، ڪڻڪ جو بهہ سان ڪهڙو واسطو؟
اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو،
اُنهي کان سواءِ هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.
قديم زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن سان نبين جي معرفت، ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي نمونن سان ڪلام ڪيو،
ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.