Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 19:5 - Sindhi Bible

5 ۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 اوهان بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺهرايون آهن تہ جيئن پنهنجن پٽن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور اتي بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙيو. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جو مون ڪڏهن بہ حڪم ناهي ڏنو، نہ ڪو ذڪر ڪيو اٿم ۽ نہ وري اهڙو ڪو خيال بہ منهنجي دل ۾ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 19:5
14 Iomraidhean Croise  

۽ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي باهہ مان لنگهايائون، ۽ فالون ۽ جادوگريون ڪم ۾ آندائون، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب هو، تنهن جي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيائون تہ هن کي ڪاوڙائين.


۽ هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو، ۽ فالون وجهارايائين، ۽ جادو ڪم ۾ آندائين، ۽ جن کي جن اُپندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻن سان واهپو رکيائين: هن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ سندس نظر ۾ گهڻي خرابي ڪئي.


تنهن کانسواءِ هن هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ لوبان ساڙيو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجا ٻار باهہ ۾ ساڙيا.


۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجن سينڌن سان زنا ڪرڻ ڪري تنهنجي گندگي وهي نڪتي ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ٿي پيئي؛ انهي ڪري، ۽ تنهنجن نفرت جهڙن سڀني بُتن جي ڪري، ۽ جي پنهنجا ٻار تو هنن کي ڏيئي ڇڏيا تن جي خون جي ڪري،


۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪي ڳالهيون تنهنجي دل ۾ اينديون، ۽ تون هڪڙي خراب رٿ رٿيندين.


اي بادشاهہ بستري تي سُتي پئي تنهنجي دل ۾ هي خيال آيا تہ هن کان پوءِ ڇا ٿي گذرندو: ۽ جيڪو ڳجهن ظاهر ڪرڻ وارو آهي تنهن، جيڪي ٿيڻو آهي، سو توکي ڄاڻايو آهي.


تون پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ جي واسطي باهہ مان لنگهڻ نہ ڏج، نڪي تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


۽ صبح جو هيئن ٿيو، جو بلق بلعام کي پاڻ سان وٺي، بعل جي مٿانهين جاين تي آيو، ۽ اتان هن اسرائيل جي سڄي قوم کي ڏٺو.


پر تون خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪج: ڇالاءِ جو هرڪو ڪراهت جهڙو ڪم، جنهن کان خدا کي نفرت آهي، سو انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيو آهي؛ بلڪ اهي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي بہ معبودن جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan