Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 19:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 19:4
49 Iomraidhean Croise  

تنهن کان سواءِ منسيءَ گهڻوئي رت بي گناهہ هاريو، جيسين ڪ هن يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو؛ انهيءَ کان سواءِ اهو گناهہ ڪيائين جو يهوداہ کان گناهہ جا ڪم ڪرايائين، اهڙا ڪم جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


۽ توفت، جو بني هنوم جي واديءَ ۾ آهي، تنهن کي هن پليت ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا پنهنجي ڌيءَ کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان نہ لنگهائي.


۽ انهيءَ بي گناهہ رت جي ڪري، جو هن وهايو هو؛ ڇالاءِ جو هن يروشلم کي بي گناهہ رت سان ڀري ڇڏيو هو: ۽ خداوند معافي ڏيڻ نٿي گهري.


۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.


انهن جا پير برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا، ۽ اهي بي گناهہ جو رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا ٿين: انهن جا خيال بدڪاريءَ جا آهن؛ انهن جي واٽن ۾ ويراني ۽ بربادي آهي.


پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛


۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن.


ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.


خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان.


تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ جو سبب هي آهي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان ويا آهن، ۽ انهن جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهن کي سجدو ڪيو اٿن، ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿن. ۽ منهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿن؛


اي خداوند، اسرائيل جي اميد، جيڪي توکي ڇڏي ڏين ٿا سي سڀ شرمندا ٿيندا: جيڪي مون کي ڇڏي ڏيندا سي مٽيءَ ۾ گڏيا ويندا، ڇالاءِ جو انهن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، جو جيئري پاڻيءَ جو چشمو آهي.


۽ انهن کي چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو، جي هنن دروازن مان لنگهو ٿا، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛


پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي،


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


تو اهو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي ڇا، جو جڏهن تنهنجي خداوند خدا رستي ۾ تنهنجي سونهپ ڪئي، تڏهن تو هن کي ڇڏي ڏنو آهي؟


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي.


پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.


رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.


۽ اُهي اورياہ کي مصر مان ڪڍي يهويقيم بادشاهہ وٽ آيا: جنهن هن کي ترار سان قتل ڪري ان جو لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ اُڇلائي ڇڏيو.


تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن.


جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.


جيڪڏهن اوهين مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زالن تي ظلم نہ ڪندا، ۽ هن جاءِ تي بي ڏوهين جو رت نہ وهائيندا، نڪي ٻين معبودن جي پٺيان لڳي پاڻ کي نقصان پهچائيندا:


اوهين چوري ۽ خون ۽ زنا ڪندا ڇا، ۽ ڪوڙو قسم کڻندا، ۽ بعل جي اڳيان لوبان ساڙيندا، ۽ جن ٻين معبودن کي اوهين نہ سڃاڻندا هئا تن جي پيروي ڪندا ڇا؟


اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.


۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.


پنهنجو منهن بہ آءٌ هنن کان ڦيرائيندس، ۽ هو منهنجي اندرين جاءِ ناپاڪ ڪندا: ۽ چور انهي ۾ گهڙندا ۽ انهي کي ناپاڪ ڪندا.


۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.


۽ هٿيار هن جي طرفان کڙا ٿيندا، ۽ هو پاڪ مڪان جي بي ادبي ڪندا، يعني قلعي جي، ۽ مدامي سوختني قرباني کڻي ويندا، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ اُتي رکندا.


انهي لاءِ تہ سڀني نبين جو خون، جو دنيا جي شروعات کان وٺي وهايو ويو آهي، تنهن جو هن زماني جي ماڻهن کان حساب وٺجي:


تہ ڪي ڪميڻا ماڻهو تنهنجي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا آهن، تہ اچو تہ اهڙن معبودن جي عبادت ڪريون، جن جي اوهان کي خبر ڪانهي؛


جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،


جن جن ڪمن جي ڪرڻ ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ خداوند توتي لعنت، بي آرامي، ۽ ملامت موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي بلڪل تباهہ نہ ٿي وڃين؛ اهو تنهنجن خراب ڪمن جي سببان ٿيندو، جن جي ڪري تون مون کي ڇڏي ڏيندين.


خداوند توکي ۽ جيڪو بادشاهہ تون پنهنجي مٿان مقرر ڪندين، تنهن کي اهڙيءَ قوم ۾ پهچائيندو، جنهن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا.


۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan